ڪراچي(دلچسپ نيوز) اوپو پنهنجو رينو 5 سيريز ۾ هڪ ٻيو نئون فون رينو 5 زي 5 جي جي واڌ ڪري ڇڏي آهي.اوپو رينو 5 زي ۾ 6.43 انچن جو فل ايڇ ڊي ولس اموليڊ ڊسپلي ڏنو ويو آهي جنهن ۾ فنگر پرنٽ اسڪينر اسڪرين جي اندر لڳل آهي.ڊسپلي ۾ پنچ هول ڊيزائن ۾ 16 ميگا پڪسل سيلفي ڪيمرا لڪيل آهي.فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو ڊيمينسٽي 800 يو پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 8 جي بي ريم ۽ 128/ڏسو صفحو 8 بقايا 02
جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي.اوپو رينو 5 زي ۾ اينڊرائيڊ 11 آپريٽنگ سسٽم جي ڀيٽ ڪلر او ايس 11.1 سان ڪئي وئي آهي.فون ۾ 4310 ايم اي ايڇ بيٽري 30 واٽ فاسٽ چارجنگ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.اوپو رينو 5 زي جي ٻين فيچرز ۾ هيڊ فون جيڪ،اين ايف سي ۽ 5 جي سپورٽ ذڪر جوڳي آهي.فون جي بيڪ تي 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ موجود آهي جنهن ۾ مين ڪيمرا 48 ميگا پڪسل جي آهي.ان کان سواءِ 8 ميگا پڪسل الٽرا وائيڊ، 2 ميگا پڪسل ميڪرو ۽ 2 ميگا پڪسل مونو ڪروم ڪيمرا به ان سيٽ اپ جو حصو آهي.ڪمپني موجب ڪيمرا سيٽ اپ ۾ الٽرا نائٽ موڊ، ايڇ ڊي آر ويڊيو، ڊوئل ويو ويڊيو، فوڪس لاڪ، ڊائنا مڪ ۽ اي آءِ سين ان هانسمنٽ 2.0 جهڙا فيچرز موجود آهن.هن فون جي سڀ کان پهرين سنگاپور ۽ متحده عرب امارات ۾ وڪري جي لاءِ پيش ڪيو ويو آهي جتي ان جي قيمت 395 ڊالر (60 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) رکي وئي آهي.