اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ويجهو پنجاب جي حد چوڪ سويترا وٽ تيز رفتار ڪوچ جو موٽرسائيڪل سان ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ موٽرسائيڪل سوار نوجوان علي جان بکراڻي ٿڏي تي فوت ٿي ويو، فوتي نوجوان جو لاش ريسڪيو ٽيم ايمبولينس ذريعي صادق آباد اسپتال منتقل ڪيو، ٻي طرف ڪوچ ڊرائيور کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.