اوٻاوڙو: 3 پوليس آفيسرز سميت 5 اهلڪارن جي شهادت بعد 3 مغوي بازياب

0
176

ڏھرڪي /اوٻاوڙو (نمائندن وٽان) 3 پوليس آفيسرز سميت 5 اهلڪارن  جي شهادت بعد 3 مغوي بازياب ٿي ويا

اوٻاوڙو ڀرسان 10ڏينهن اڳ اغوا ٿيل چاچو ۽ سندس 2 ڀائٽيا بازياب ٿي گهر پهچي ويا

صادق پنهور ۽ سندس ٻه ڀائٽيا مهتاب ۽  شهباز پنهور مبينا راڄوڻي ڪوششن  ذريعي بازياب ٿي گهر پهتا

May be an image of 9 people, people standing and text

ٽنهي مغوين جي بازيابي لاءِ  رائونتي جي ڪچي ۾ آپريشن ٿيو، آپريشن دوران ڊي ايس، 2 ايس ايڇ او ۽ 2 اهلڪار شهيد ٿيا هئا

ذريعن موجب ٽنهي ڄڻن کي ڪشمور جي ڪچي مان بازياب ڪرايو ويو، ٽنهي ڄڻن کي ڪشمور واري ڪچي

کان بازياب ڪرايو ويو، بازياب ٿيل صادق پنھور موجب ڌاڙيل ڀنگ لاءِ تشدد ڪندا هئا

ھي به پڙھندا

شهيد ڊي ايس پي جو فون ڌاڙيلن وٽ هجڻ جو انڪشاف

 لکي غلام شاھ ۽ خانپور جي ڪچي ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 3 ڄڻا قتل