اوٻاوڙو ۾ مارجي ويل ٻن مبينا دھشتگردن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري

0
148

ميرپورماٿيلو (رپورٽر) اوٻاوڙو ۾ مارجي ويل مبينا دھشتگردن جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ٿي وئي، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڌماڪيدار مواد ڦاٽڻ سبب ٻنھي مارجي ويلن جو موت ٿيو

پوسٽ مارٽم رپورٽ موجب مارجي ويل ٻنھي مبينا دھشتگردن عبدالحميد ۽ امام الدين جو موت ڌماڪي دار مادي سبب ٿيو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنھي ڄڻن جي مٿي، پيٽ ۽ جسم جي ٻين حصن تي گھرا زخم آھن ۽ جسم جو ڪافي حصو سڙيل آھي

ڇهه ڏينھن اڳ پوليس اوٻاوڙو جي لانگھي روڊ تي پوليس مٿان حملي ۽ مقابلي بعد ٻن دهشتگردن پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائڻ جي دعويٰ ڪئي هئي

ھي به پڙھندا

اوٻاوڙو ۾ پوليس ۽ دھشتگردن ۾ مقابلو، 2 دھشتگرد مارجي ويا