اوٻاوڙو ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن پاران پيادل ريلي، ڌرڻو

0
142
اوٻاوڙو ۾ آل سنڌ

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ۾ آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن پاران ايريگيشن کاتي ۾ سياسي ڀرتين خلاف سنڌ پنجاب بارڊر کان پيادل ريلي ڪڍي وئي جيڪا مخلتف رستن تان ٿيندي اوٻاوڙو اسڪارپ آفيس پهتي جتي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو

ڌرڻي کي خطاب ڪندي آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز سنڌ جي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو چيو ته مطالبا نه منظور ڪيا ويا ته 27 فيبروري تي پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي لانگ مارچ جي رستا روڪ ڪنداسين ۽ ڌرڻو هڻداسين، پوءِ ڀلي اسان مٿان ڇو نه گوليون هلايون وڃن

ان موقعي تي آل سنڌ ايريگيشن ٽريڊ يونينز فيڊريشن جي صوبائي صدر ميان عبدالرحيم ڀارو، چيئرمين اسماعيل چنو ۽ ٻين چيو ته ايريگيشن کاتي ۾ ڀرتين جا اختيار ڊي سي گهوٽڪي کي ڏنا ويا آهن جيڪي اسان قبول ناهي

هنن چيو ته ايريگيشن کاتي جي قانون موجب ايريگيشن کاتي جي آفيسرن کي چيئرمين ڪري ڀرتين جا اختيار ڏنا وڃن ۽  هاڻي ڊي سي گهوٽڪي شفارش تي ماڻھو ڀرتي ڪري اصل حقدارن کان حق کسي رهيو آهي

هنن وڌيڪ چيو ته ايريگيشن کاتي ۾ پرچي سسٽم بند نه ڪئي وئي ۽ اسان جا جائز مطالبا نه مڃيا ويا ته اسان 27 فيبروري تي بلاول ڀٽو زرداري جي ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ لانگ مارچ جي رستا روڪ ڪري ڌرڻو هڻنداسين