اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان کنڀڙا ٿاڻي جي حد ڳوٺ ھُلڙ چاچڙ ۾ رات دير سان اڻڄاتل چئن ھٿياربندن چڙهائي  ڪري ڳوٺاڻي دلبر چاچڙ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڳوٺاڻن جي مزاحمت تي هٿياربندن ڳوٺاڻي کي هٿيارن جا بٽ هڻي زخمي ڪري موقعي تان فرار ٿي ويا. جڏهن ته زخميءَ کي وارث تعلقي اسپتال اوٻاوڙو ۾ داخل ڪرايو آهي. ھوڏانھن ايس ايچ او کنڀڙا شفيع محمد گولو، ڊي ايس پي اوٻاوڙو راڻا نصر الله، پوليس نفري ساڻ ڪري واقعي واري هنڌ پهچي ڄاڻ ورتي. پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جلد اصل حقيقت سامهون اچي ويندي. ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.