رائونتي: مبينا مقابلي دوران اي ايس آءِ شهيد: 2ڏوهاري مارجي ويا

0
305

رائونتي: کنڀڙا ٿاڻي جي حد ۾ مبينا مقابلي دوران اي ايس آءِ شهيد ٿي ويو، جڏهن ته 2 ڏوهاري مارڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي

پوليس موجب ڏوهارين سان مقابلي دوران اي ايس آءِ امان الله ابڙو شهيد ٿي ويو، جنهن جو مڙهه اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتان ضروري ڪارروائي بعد ايس ايس پي آفيس ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي،  جنهن ۾ ڊي آءِ جي سکر  سميت ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي

پوليس جو چوڻ آهي ته مقابلي دوران 2 ڏوهاري مارجي ويا آهن، جن جي سڃاڻپ گڊو جي کروڙ ڳوٺ واسي بادل چاچڙ ۽ پنجاب جي جمال الدين واسي مراد ٻانڀڙو طور ٿي آهي

ڊي آءِ جي سکر جاويد جسڪاڻي اسپتال پهچي شهيد امان الله ابڙو جي وارثن سان مليو، ڊي آءِ جي ٻڌايو ته ڏوهاري جي اطلاع تي پوليس پهتي ته مٿن فائرنگ ڪئي وئي، جنهن ۾ امان الله ابڙو شهيد ٿي ويو، پوليس اهلڪارن بهادري جو مظاهرو ڪندي ٻن ڏوهارين کي ماري ڇڏيو

ايس ايس پي گهوٽڪي موجب پوليس ڏوهارين کي گهيرو تنگ ڪري ڇڏيو آهي، مقابلو هلندڙ آهي

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ وزيرن ۽ بيورو ڪريٽس کان ڪمانڊوز سيڪيورٽي واپس وٺڻ جو حڪم