اوٻاوڙو (ن پ ا) مڙس سان اڻبڻت بعد ڪاوڙجي والدين جي گهر ترسيل شادي شده ناريءَ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش،  تشدد، ماءُ ۽ ڀائرن سان گڏجي احتجاج. اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ حيدر شاهه جي رهواسڻ مائي ممتاز ميراڻي پنهنجي امڙ مائي سڪينه ميراڻي، ڀاءُ پپو ۽ محمد علي ميراڻيءَ سان گڏجي نيشنل پريس ڪلب ۾ ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام مڙهيو ته  مڙس الله وڌايو، ڏير آصف ميراڻي هر وقت بناجواز تشدد ڪندا رهندا هئا، سندن ظلمن کان تنگ ٿي پنهنجي امڙ ۽ ڀائرن وٽ رهان ٿي. گذريل ڏينهن بااثرن عبدالفتاح، آصف، الله وڌايو ميراڻي، گهر اندر داخل ٿي مون کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان دوران مون کي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ويو. هن ٻڌايو ته اوٻاوڙي ٿاڻي تي 3 ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪرايو آهي پر پوليس اڃا تائين ھڪ به جوابدار کي گرفتار نه ڪيو آهي. هنن ڊي آءِ جي سکر  ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي اپيل ڪئي ته معاملي جي انڪوائري ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن الزام هيٺ آيل ڌر جي عبدالفتاح ميراڻي ٻڌايو ته بااثر سياسي ماڻن جي چرچ تي بي بنياد الزام مڙهيا پيا وڃن.