اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ڀرسان ڳوٺ الله بخش رند ۾ پراڻي سڱاوتي تڪرار تان ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سب ھڪ ڌر جا 4 ڄڻا حاجي رند، حاڪم رند، امتياز رند، شهباز رند زخمي ٿي پيا، جن کي تعلقي اسپتال اوٻاوڙو ۾ داخل ڪرايو ويو، جتان ٻن ڄڻن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ شيخ زيد اسپتال رحيم يار خان منتقل ڪيو ويو. وارثن اسپتال ۾ احتجاج ڪندي الزام هنيو ته پراڻي سڱاوتي تڪرار تان 20 ڏنڊا بردار حملو ڪري 4 ڄڻن کي زخمي ڪري ڇڏيو. اهڙي فرياد اوٻاوڙو ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي. زخمين جو چوڻ هو ته جوابدار بااثر آهن، جنهن ڪري اوٻاوڙو پوليس سندن خلاف ڪارروائي ڪرڻ تيار ناهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي. ھوڏانھن جهيڙي جي اين سي درج ڪئي وئي، پر باضابطا ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.