اوٻاوڙو ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، هڪ ڄڻو مارجي ويو

0
215

اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو ويجهو فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، پنجاب جي ڀونگ ٿاڻي جي حد ۾ دولاڻي ۽ بنون برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جهيڙي دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ 55ورهين جو مراد بخش پٽ بهار بنون ٿڏي تي مارجي ويو، جنهن جو لاش ڀونگ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب واقعو پراڻي دشمني تان پيش آيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.