اوٻاوڙو (رپورٽ: نذير احمد ٿهيم) اوٻاوڙو ويجهو لڪپور مائينر کي 20 فوٽ گهارو، 150 ايڪڙن تي بيٺل ڪپھه  جو فصل ٻڏي ويو، آبادگارن پاران ضلعي انتظاميا کان نقصان جي ازالي جو مطالبو. تفصيل موجب اوٻاوڙو ويجهو نهال واھ مان نڪرندڙ لڪپور مائينر کي 20 فوٽ جو گهارو پئجي ويو. نتيجي ۾ 150 ايڪڙن کان وڌيڪ ايراضيءَ تي بيٺل ڪپھه جو فصل ٻڏي ويو. اطلاع باوجود پنجن ڪلاڪن کان پوءِ به ايريگيشن عملو گهاري واري هنڌ نه پهتو. ان موقعي تي آبادگارن عبدالقادر ڀٽو، فضل ڪريم ڀٽو، جمال دين مهر، خميسو، عبدالواحد ڀٽو ۽ ٻين جو چوڻ هو ته نهال واھ ۾ پاڻي پهتو ئي مس ته شاخ کي گهارا پئجي ويا آھن. ايس ڊي او سچل نائچ ۽ بيلدار ياسين چاچڙ کي اطلاع ڏنو پر  بعد ۾ ٻنهي نمبر ئي بند ڪري ڇڏيا. ٻيو ڪو آسرو نه ڏسي پنهنجي مدد پاڻ تحت پئسا ڀري ڪرين مشين گهرائي گهارو بند ڪيو آھي. گهاري سبب ڪروڙين روپين جو نقصان ٿيو آھي. هنن واضح ڪيو ته جيڪڏهن نقصان جو ازالو نه  ڪيو ويو ته آبپاشي عملدارن خلاف عدالت جو در کڙڪايو ويندو. هنن مطالبو ايس ڊي او سچل نائچ، بيلدار ياسين چاچڙ ۽ يوسف شر خلاف جاچ ڪرائي فوري طور نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.