اوٻاوڙو (ن پ ا) اوٻاوڙو شهر مان اغوا ٿيل نوجوان محمد صادق پنهور ۽ سندس ٻن معصوم ڀائٽين 13 سالن جي مهتاب حسين ۽ 8 سالن جي شهباز پنهور کي بازياب ڪرائڻ ۾ اوٻاوڙو پوليس ڪامياب نه ٿي سگهي. ڄاڻايل مغوين جي بازيابيءَ لاءِ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي لالا شمن، عمران علي دايو، عبداللطيف ملڪ، جميل سنڌي ۽ غلام مصطفيٰ پنهور جي اڳواڻيءَ ۾ نيشنل پريس ڪلب تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. اڳواڻن جو چوڻ هو ته ٽي ڏينھن گذرڻ کان پوءِ به اوٻاوڙو پوليس مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، جنهن ڪري ڪري گهرن ۾ قيامت ڀرپا ٿيل آهي. مغوين جي والدين کي مسلسل بيهوشي جا دورا پئجي رهيا آهن. مظاهرين جو چوڻ هو ته ايس ايس پي گهوٽڪي وارثن کي سکڻا دلاسا ڏئي رهيو آهي. هنن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن مغوين کي 24 ڪلاڪن اندر بازياب نه ڪرايو ويو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي پاران سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويندا.