اوٻاوڙو شهر جي غوري پاڙي مان گُم ٿيل نينگر جي اغوا جو شڪ ظاهر

0
200

رائونتي (ن پ ا) اوٻاوڙو شهر جي غوري پاڙي مان گُم ٿيل نينگر جي اغوا جو شڪ ظاهر، 15 سالن جو محمد طلحه غوري گذريل ڏينهن گُم ٿي ويو هو، مٽ، مائٽن ۽ دوستن سوڌو مختلف علائقن ۾ ڳولا باوجود نينگر جو پتو نه پيو، وارثن اوٻاوڙو ٿاڻي تي اغوا جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي، نينگر جي ڀاءُ ساجد غوري جو چوڻ آهي ته طلحه گذريل ڏينهن دڪان تي ويو ته واپس نه موٽيو، شڪ آهي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي، پوليس ۽ اعليٰ اختيارين کي نينگر بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.