ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرجاڻي ٽائون ۾ راشن جي ورڇ تان قتل  ٿيل جاويد واري ڪيس ۾ گرفتار ڪيل جوابدار مبشر احمد جي 2 لک رپين عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن پاران تيار نه هئڻ تي عدالت ڪاوڙ جو ا ظهار ڪندي چيو ته اوهان بنا فائل پڙهڻ جي عدالت اچي ويندا آهيو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جاچ آفيسر کي چيو ته اوهان ڪيس بابت ڪجهه ته ٻڌايو، ٿي سگهي ٿو ته عدالت ئي اوهان جي ڪجهه معاونت ڪري ڇڏي.