اومي ڪرون جو خوف: سنڌ ۾ ڏکڻ آفريڪا کان ايندڙ سمورن مسافرن جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو

0
184
اومي ڪرون جو خوف
اومي ڪرون جو خوف: سنڌ ۾ ڏکڻ آفريڪا کان ايندڙ سمورن مسافرن جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت پاران ڪورونا جي اومي ڪرون قسم جي خلاف قدم کڻندي گذريل هڪ هفتي دوران ڏکڻ آفريڪا کان ايندڙ سمورن مسافرن جي ٽيسٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

ان حوالي سان صحت کاتي وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کان مسافرن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن

ذريعن موجب سمورن مسافرن ۽ انهن سان رابطي ۾ ايندڙ ماڻهن جي به ٽيسٽ ڪئي ويندي، ٽيسٽ مثبت اچڻ جي صورت ۾ نمونن جي تفصيلي جانچ ڪئي ويندي

اومي ڪرون جي تصديق ڪرڻ لاءِ جينياتي ليبارٽري ۾ نمونن جي جانچ ڪئي ويندي، جيڪا اومي ڪرون جي قسم جي تصديق ڪندي

 ان سلسلي ۾ ڪراچي يونيورسٽي اسٽيڊيم روڊ تي واقع ڊائو اوجھا ۽ اسپتال ۾  اسڪيننگ مشين اڳ ئي موجود آهي