ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ ) اومني گروپ جي سربراهه انور مجيد تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان کي قانوني نوٽيس جاري ڪندي 9 ارب هرجاڻي جي دعويٰ ڪري ڇڏي، انور مجيد نوٽيس ۾ ڄاڻايو ته توهان جي پارٽي جا اڳواڻ اومني گروپ تي ڪوڙا ۽ بي بنياد الزام لڳائي رهيا آهن، 2019ع  ۾ تڏهوڪي وزير زرتاج گل ٽي وي ٽاڪ شو ۾ چيو هو ته عبدالغني مجيد نيب کان 9 ارب رپين جي پلي بارگين ڪئي آھي، انهي شو ۾ شريڪ چوڌري منظور احمد چيو هو ته عبدالغني مجيد ڪو ٻيو آهي، جنهن تي زرتاج گل دعويٰ ڪئي ته آصف علي زرداري سان ڪيس ۾ شريڪ جوابدار عبدالغني مجيد نيب سان پلي بارگين ڪئي آهي، نوٽيس موجب عمران خان به 17 نومبر 2022 تي جلسي کي خطاب ۾ چيو هو ته اومني گروپ 9 ارب رپين جي پلي بارگين ڪئي آهي، هن چيو ته اومني گروپ مجيد خاندان جي ملڪيت آهي، آصف علي زرداري جو انهي سان ڪو تعلق ناهي، اومني گروپ نيب سان ڪا به پلي بارگين ناهي ڪئي، عمران خان فوري طور تي الزام واپس وٺي غير مشروط معافي گهري ، ٻي صورت ۾ سندس خلاف  قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.