اولمپيئن سميع الله جي مجسمي سان نازيبا حرڪت ڪندڙ جوابدار گرفتار!

0
381

بهاولپور: بهاولپور ۾ هاڪي اولمپيئن سميع الله جي مجسمي سان نازيبا حرڪت ڪندڙ ۽ هاڪي ۽ بال چورائيندڙ همراهه نعمان کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گذريل ڏينهن بهاولپور جي اسپتال چوڪ تي لڳل اولمپيئن سميع الله جي مجسمي مان هاڪي ۽ بال به چوري ڪيو ويو هو. ان سان گڏ ئي مجسمي سان
نازيبا حرڪت جي هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي ، جنهن تي صارفين سخت رد عمل ظاهر ڪيو. بهاولپور پوليس جوابدار نعمان کي سي سي ٽي وي ڪئميرا ۽ ٻين ٽيڪنالاجي جي مدد سان پڪڙي ورتو ۽ ملزم به ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي