ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) سنڌ جي ٽرانسپورٽ  ۽ اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ پاران اڄ کان اورنج لائين بسن جي ٽيسٽ ڊرائيو شروع ڪرڻ جي هدايت، ان حوالي سان ڪالهه صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ سنڌ پيپلز ڊسٽرڪٽ بس سروس ۽ عبدالستار ايڌي (اورنج لائين) پراجيڪٽ بابت نيشنل ريڊيو ٽرانسميشن ڪمپني (اين آر سي) ۽ سنڌ انفرااسٽرڪچر ڊولپمينٽ ڪمپني ( ايس آءِ ڊي سي ايل) جا الڳ الڳ اجلاس ٿيا، جن ۾ ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ٻئي پراجيڪٽ جلد شروع ڪرڻ چاهي ٿي. هن چيو ته آئون پيپلز بس سروس لاءِ پهرين جون ۽ اورنج لائين بس لاءِ 30 مئي جي تاريخ ڏئي چڪو آهيان، جيڪڏهن ڪو ڪانٽريڪٽر يا ادارو ڪمٽمينٽ (معاهدي ) جي ڀڃڪڙي ڪندو ته ان خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي، اجلاس ۾ صوبائي وزير اين آر ٽي سي کي هدايت ڪئي ته اڄ کان پيپلز بس سروس جي روٽ ون شاهراھ فيصل تي ڪي ايم سي جي مدد سان 14 بس اسٽاپ 4 ڏينهن ۾ تعمير ڪيا وڃن، هن چيو ته پهرين جون تائين پيپلز بس سروس جي روٽ ون جو آغاز ڪيو ويندو. سنڌ حڪومت پيٽرول سميت سمورا خرچ ڀرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيوته اورينج لائين جي ڪانٽريڪٽر ڊيپو تي 28 مئي تائين ڪم مڪمل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي بس ڊرائيورز جي تربيت به ٿي چڪي آهي، اڄ کان اورنج لائين جي ٽريڪ تي بسن جي ٽيسٽ ڊرائيو جو آغاز  ٿيندو.