ٽنڊوڄام (ن پ ا) اوجي ڊي سي ايل اونرز زمينن جو معاوضو مارڪيٽ ويليو تحت گھري ورتو آهي.ان ڏس ۾ او جي ڊي سي ايل لينڊ اونرس ايسوسيئيسن سنڌ جي صدر حاجي بدر احمد ميمڻ، سينيئر نائب صدر محمد حيات لنڊ ۽ ڊپٽي جنرل سيڪريٽري حاجي علي نواز ڏاهري او جي ڊي سي ايل انتظاميا جي زميندارن ۽ مقامي ماڻهن سان ڪيل زيادتين خلاف پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته او جي ڊي سي ايل انتظاميا زميندارن کان حاصل ڪيل زمينن مان اربين رپين جو تيل ۽ گيس حاصل ڪرڻ باوجود زمينن جي حقيقي مالڪن کي صرف نالي ماتر معاوضو ڏيئي رهي آهي. هنن چيو ته هن وقت عام زمينون في ايڪڙ لکين رپيا پيداوار ڏيئي رهيون آهن، پر او جي ڊي سي ايل انتظاميه تيل ۽ گيس جي ذخيرن سان مالامال زمينن جو في ايڪڙ ساليانو معاوضو صرف 18 هزار کان 65 هزار رپيا ادا ڪري رهي آهي. جڏهن ته ملڪي پيٽروليم پاليسي تحت زمينن جي معاوضي ۾ هر سال ڏهه سيڪڙو اضافو ڪرڻو آهي. نظرثاني ڪميٽي پڻ جنوري 2015 کان زمين جي اگهه ۾ ڏهه سيڪڙو ساليانو اضافو ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي، پر ڇهه سال گذري وڃڻ باوجود انهي تي عمل نه ڪيو ويو آهي. جيڪو سراسر ظلم آهي. هنن چيو ته او جي ڊي سي ايل زمينن جا نوان اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ روينيو کاتي کي ليٽر لکيو. جنهن جي موٽ ۾ ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد پاران سروي بعد او جي ڊي سي ايل کي جوابي ليٽر لکيو ويو، جنهن موجب ضلعي حيدرآباد ۾ زمينن جي في ايڪڙ پيداواري آمدني جو تخمينو 250,000 رپين کان 600,000 رپيا لڳايو ويو، جڏهن ته زمينن جي سالياني مقاطعي جو في ايڪڙ اگهه 150,000رپين کان 200,000 رپيا تجويز ڪيو ويو. پر روينيو کاتي جي رپورٽ کي ڇهه مهينا گذري وڃڻ باوجود او جي ڊي سي ايل زمينن جو معاوضو وڌائڻ لاءِ تيار نه آهي. هنن او جي ڊي سي ايل انتظاميا کان گهر ڪندي چيو ته زميندارن کي زمينن ۽ متاثر فصلن جو معاوضو روينيو کاتي جي رپورٽ جي آڌار تي موجوده مارڪيٽ اگهن موجب ادا ڪيو وڃي. اڳواڻن چتاءُ ڏنو ته جيڪڏهن او جي ڊي سي ايل انتظاميه زميندارن ۽ مقامي ماڻهن سان زيادتيون بند نه ڪيون ۽ مسئلا حل نه ڪيا ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي ۽ ڪنر آئل فيلڊ ۽ ٽنڊو عالم آئل فيلڊ آڏو ڌرڻا هنيا ويندا.