واشنگٽن(م ڊ) آمريڪي صدر جو بائيڊن انڪشاف ڪيو ته اڳوڻي صدر باراڪ اوباما چيني صدر شي جن پنگ کي نائب صدر جي سنڀالڻ کان زور سمجهيو جنهن ڪري مون کي هن سان 17 هزار ڪلوميٽر گڏ سفر ڪرڻو پيو. خطاب ۾ هن چيو ته مون چين جي صدر شي جن پنگ سان گذريل 10 سالن دوران آمريڪا جي ٻئي ڪنهن به صدر کان وڌيڪ گڏجي ڪم ڪيو آهي. مون هن سان گڏ 78 ڪلاڪ گذاريا آهن جن مان 68 ڪلاڪ نويڪلائي وارا آهن. ڇاڪاڻ ته کيس خبر هئي ته چيني صدر کي نائب صدر منهن نه ڏئي سگهندو، جنهن ڪري هن مون کي مقرر ڪيو ۽ مون هن سان گڏ 17 هزار ميل سفر ڪيو. هن چيو ته چيني صدر هر اها ڳالهه سمجهي ويندو آهي جيڪا هو سمجهڻ چاهيندو آهي پر هن ۾ ڪيترائي مونجهارا آهن اسان انهن کي ڪيئن منهن ڏئي سگهون ٿا؟