اوباش نوجوان گهر ۾ گهڙي ڌمڪيون ڏئي ويا آهن: صائمه شاهين

0
365
اوباش نوجوان گهر ۾ گهڙي

ٺٽو (رپورٽر) مڪلي حيدري چوڪ جي رھواسڻ فنڪاره صائمه شاھين مڪلي ۾ صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي ته گذريل اڱاري واري ڏينهن دير سان منهنجي مڪلي واري گھر تي اوباش نوجوانن چڙھائي ڪري گھر ۾ ڀڃ ڊاھ ڪرڻ سميت بيٺل گاڏي جا شيشا ٽوڙيا، مزاحمت تي مون کي به زخمي ڪيو ويو ۽ جوابدار ڌمڪيون ڏئي فرار ٿي ويا

هن چيو ته حملي آور جوابدارن جي نشاندھي ڪرڻ باوجود  پوليس سندن خلاف ڪارروائي نه ڪئي آهي، جوابدار بااثر هجڻ ڪري پوليس سندن خلاف ڪارروائي نه ٿي ڪري، مونکي وڌيڪ نقصان جون ڌمڪيون ملي رهيون آهن، خطرو آهي، نوٽيس وٺي جوابدار گرفتار ڪري تحفظ ڏنو وڃي.