ٺل (ن پ ا) ٺل جي رياض چوڪ جي رهواسڻ فقيرياڻي رضوانه زال طارق ڪلهوڙو کي اوباش نوجوانن پاران تنگ ڪرڻ تي مجبور ٿي اي سيڪشن ٿاڻي تي پهچي دانهيو ته نواز جمالي، رشيد دايو ۽ ديدار منگي تنگ ڪندا آهن، گداگري ڪري گهرڀاتين جو پيٽ پاليندي آهيان، جڏهن به گهران نڪرندي آهيان ته جوابدار ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ زور ڀريندا آهن، انڪار تي منهنجي معصوم ٻارڙن کي اغوا ۽ تيزاب هارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا آهن.انصاف ڪري جوابدار گرفتار ڪيا وڃن. ٻئي پاسي پوليس موجب  فقيرياڻي واري مامري جي جانچ ڪري رهيا آهيون جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي.