اوائلي انساني تھذيبن جا ڪجھ علمي ڪارناما

0
270
اوائلي انساني تھذيبن جا ڪجھ علمي ڪارناما

انساني سماجي ۽ تھذيبي تاريخ ۾ هڪڙو تصور هي رهيو آهي ته انساني علم ۽ عقل  جي شروعات يونان کان ٿي هئي. ٻيو تصور هي آهي ته اها علمي ميراث انسان جي تھذيبي ۽ سماجي تاريخ جي مختلف ارتقائي مرحلن مان گذرندي يونان اندر  هڪ منظم شڪل اختيار ڪئي. فلسفي يا علم جي ڪنهن به شاخ اندر اڄ جيڪي شيون اسان جي اڳيان آهن، سي ڇا رڳو اڪيلي يونان جا ڪارناما آھن يا ان کان اڳ به ڪي اهڙيون تھذيبون ٿي گذريون آهن، جيڪي ان سموري علمي ميراث ۾ يونان جي تھذيب کي پنهنجي تجربي يا علم مان فيضياب ڪندڙ آهن! اچو ته ان ڳالھ جو مختصر جائزو وٺون. سڀ کان پھرين ڏسون ته تھذيب ڇا کي ٿو چئجي. اردو ٻولي جي ترقي پسند ليکڪ سبطِ حسن پنهنجي ڪتاب” پاڪستان مين تهذيب ڪا ارتقا” ۾ تھذيب جي تشريح ڪندي لکي ٿو: “ڪنهن به معاشري جي بامقصد تخليقن ۽ سماجي قدرن جي نظام کي تھذيب چوندا آهن. تھذيب معاشري جي طرزِ زندگي، فڪر ۽ احساسن جو جوهر هوندي آهي. ٻولي، اوزار (پيداوار جا ذريعا)، پيداوار جا طريقا، سماجي رشتا، رهڻي ڪهڻي، علم ۽ ادب، فلسفو ۽ حڪمت، عقيدا، اخلاق ۽ عادتون، رسم، روايتون، عشق ۽ محبت جا سلوڪ، خانداني تعلقات وغيره تهذيب جا مختلف مظهر آهن”. اردو ٻولي جو هڪ ٻيو جڳ مشهور روشن خيال ليکڪ ۽ فلسفي جو استاد پروفيسر علي عباس جلال پوري پنهنجي ڪتاب “روايات تمدن قدم” ۾ تهذيبن جي اسرڻ/ارتقا بابت بحث ڪندي لکي ٿو ته،” تمدن انسان جي خارجي ماحول ۽ ان جي ذهن جي باهمي عمل و رد عمل جي ئي هڪ تخليقي شڪل آهي. ان تمدن جي ترڪيب کي وسيع تر مفهوم ۾ استعمال ڪيو آهي، يعني ان ۾ تهذيب به شامل آهي”. هو وڌيڪ لکي ٿو: “زرعي انقلاب ۾ جڏهن انسان فصلن اپائڻ جو راز دريافت ڪري ورتو ته شڪار جي تلاش ۾ رلڻ ۽ ڀٽڪڻ بدران هو دريائن جي ڪنارن تي ٻني ٻارو ڪرڻ لڳو، وستيون وسائڻ لڳو، ۽ خوراڪ جي تلاش ڪرڻ بدران پاڻ خوراڪ پيدا ڪرڻ لڳو. ان مرحلي تي هو وحشياڻي دور کان نڪري تمدن جي دور ۾ داخل ٿيو”. سيد علي عباس جلال پوري صاحب جي هن موقف مان هڪ ڳالهه واضح ٿئي پئي ته انساني تهذيب جي شروعات يا شروعاتي تھذيبون دريائن جي ڪنارن مٿان ئي آباد ٿيون آهن، جن ۾ دريا دجله و فرات جي تهذيب، جنهن کي دنيا جي سڀ کان آڳاٽي تهذيب ميسو پوٽيميا به چيو ويندو آهي، سنڌو دريا تي سنڌو تهذيب، نيل دريا جي مصري تهذيب، زرد دريا جي چيني تهذيب وغيره شامل آهن.

تھذيب جي ان مختصر سمجهاڻيءَ بعد اچو ته ان ڳالھ جو جائزو وٺون، جنھن موجب چيو ويندو آهي ته فقط يونان ئي سڀني علمن جو باني ديس آهي ۽ اهو ته ان کان اڳ يعني يوناني فڪر کان اڳ ڪائنات، انساني تخليق، معاشري وغيره بابت ڪي قياس آرائيون نه ٿيون ملن ۽ يونان ئي علم و ادب ۽ روشن خيالي جو جنميندڙ ديس آهي. ان کان اڳ جي تهذيبن اندر ڪي اهڙيون ڳالهيون نه مليون آهن، جن جي بنياد تي چئي سگهجي ته فقط يونان نه پر ان کان اڳ به انساني ذهن ڪي تخليقون سرجيون آھن.اچو ته انھن ڳالھين جو مختصر جائزو وٺون.

انساني سماج ۽ انساني علم ڪنهن هڪ خطي جي اڪيلي ميراث ناهن پر ان ۾ ٻين انيڪ انساني تهذيبن جا ڪي اڻ مٽ آثار ضرور آهن. انساني تاريخ ۽ تهذيب جي مطالعي مان اها ڳالهه ظاهر ٿئي ٿي ته ماضي جون جيڪي به تهذيبون ٿي گذريون، تن جو واپار، سير ۽ سياحت يا ڪنهن ٻئي بهاني هڪ ٻئي سان لاڳاپو ضرور هو ۽ هاڻي ته اهي به شاهديون ملن پيون ته يونان جا ڪافي ناميارا فلسفي هندستان، مصر وغيره جو سير سفر ڪري چڪا هئا، جن ۾ ٿاليس جو ذڪر اهم آهي، جو هو پهريون يوناني فلسفي هو ۽ سندس ڪم جي مختلف دائرن ۾ جاميٽري به اچي وڃي ٿي. جاميٽري علم جي هڪڙي شاخ آهي، جنهن ۾ سندس ڪم ٿيل آهي. سو چون ٿا ته اهو علم هن مصر جي سفر مان سکيو هو. پروفيسر ڪرڪ ۽ پروفيسر ري ون پنهنجي تصنيف “سقراط کان اڳ جو فلسفو” ۾ ته ان ڳالهه ڏانهن به اشارو ڪيو آهي ته ٿاليس جو تمام وڏو ڪارنامو سج گرهڻ جي اڳڪٿي هئي، پر اهلِ بابل ان کان گهڻو اڳ چنڊ گرهڻ ۽ سج گرهڻ جي اڳڪٿي ڪرڻ تي قادر هئا. هو لکن ٿا: “بابلي پروهتن سج گرهڻ جي باري ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٧٢١ ق. م کان مذهبي ضرورتن تحت اڳڪٿيون شروع ڪري ڇڏيون هيون. ڇهين صدي قبل مسيح ۾ ته هو اهو به ٻڌائي ڇڏيندا هئا ته گرهڻ ڪهڙي مقام تي ٿيندي.

ان ڳالهه جا امڪان آهن ته ٿاليس جي ان ڪارنامي جو ماخذ بابلي دستاويز ھجن، ڇو ته اسان کي خبر آهي ته ان زماني ۾ اڪثر تعليم يافته يوناني ٻاهر ويندا هئا. بابل ۽ يونان جا تعلقات تمام گھرا هئا”. اها ڳالهه درست آهي ته علم جي مختلف پاسن اندر منظم ڪم يونان اندر ٿيو پر اهو فقط تڏهن ممڪن ٿيو، جڏهن ان کان اڳ جي انساني تهذيبن جهڙوڪ: مصر، عراق، هندستان وغيره ۾ انسان ڪي قدر اهم علمي ڪارناما سرانجام ڏنا، جن بدولت يونان پنھنجي تهذيبي تاريخ جا بنياد وڌا.

گهڻي وقت تائين تاريخ ۽ فلسفي جي ميدان اندر اهو سمجهيو ويندو رهيو ته يونان ئي علم جي اها واحد ڌرتي آهي، جتان کان علم جا بنياد پيا پر هاڻي ته اهو به چيو پيو وڃي ته انساني تاريخ اندر جيڪي سڀ کان آڳاٽيون لکڻيون هيون، سي سنڌو ماٿري ۾ سنڌو نديءَ جي ڪناري تي سرجيون ويون، جن کي ويد سڏجي ٿو. بعد ۾ انهن جي تشريح تي ٻڌل لکڻيون ملن ٿيون. جن کي “اُپنشد” چيو وڃي ٿو. تهذيبن جي هڪ ٻئي سان رابطي بابت چيو پيو وڃي ته ايترو يقين آهي ته سنڌو ماٿريءَ جا بحري جهاز سفر ڪندي سمير ۽ بابل تائين ويندا هئا. ان ڳالهه جون شاهديون پڻ موجود آهن ته جڏهن مصر جا اهرام تعمير پئي ڪيا ويا، تڏهن سنڌو ماٿريءَ جي تهذيب عروج تي هئي. ان ڳالهه مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته جتي تهذيبن جي هڪ ٻئي سان رابطي مان سندن واپاري رشتن جي پروڙ پئي ٿي. اتي اهو اندازو لڳائڻ ڪو مشڪل ناهي ته ان رابطي وسيلي هڪ خطي جا خيال، قدر ٻئي خطي ڏانهن منتقل ٿيندا هوندا. ان جو بهتر مثال ٿاليس آهي. نه فقط اهو پر يونانين کان گهڻو اڳ 18 هين صدي قبل مسيح ۾ دجله و فرات جي تهذيب ۾ اسان کي حمورابي جو قانون جو ڪوڊ ملي ٿو. 3500 قبل مسيح ڌاري دجله و فرات ندي تي آباد عراقي تهذيب دنيا جو پهريون ڪئنال سسٽم جوڙي آبپاشي نظام جا بنياد وڌا. مصرين جو ڪئلينڊر وغيره، ان جو واضح ثبوت آهن ته يونان کان اڳ  منظم شڪل ۾ نه سهي پر  انسان جا شاندار ڪارناما ملن ٿا.

هاڻي اچو ته ان جو جائزو وٺجي ته اهي ڪهڙيون ڳالهيون هيون، جن بنياد تي اهو چيو پيو وڃي ته يونان سندس کان اڳ موجود تهذيبن جي ٽڙيل پکڙيل علم، خيالن جي بنياد تي پنهنجي نئين سر عمارت اڏي، جنهن جا بنياد ته ماضي ۾ پيوست آهن پر انهن کي سنوارڻ ۽ بهتر نموني منظم ڪرڻ جو اعزاز يونانين کي حاصل هو، جن بنيادن تي گهڻي وقت تائين اهو سمجهيو پئي ويو ته علم جو سج يونان جي ئي ڌرتي مٿان اڀري ۽ لهي ٿو. يوناني فلسفي جارجيس چيو آهي ته ڪو به سچ وجود نه ٿو رکي ۽ هر شئي ڪوڙ آهي. يعني چيائين ته سچ جو ڪو به وجود ڪونهي. هن اها ڳالهه تڏهن ڪئي، جڏهن هن ڏٺو ته ڪائنات جي وجود بابت ڪا به ڄاڻ Absolute قطعي ناهي پر تبديل ٿيندي رهي ٿي. ساڳيو خيال هندستان اندر ملي ٿو، جتي “هي دنيا مايا آهي” وارو خيال موجود آهي. دنيا دوکو آهي، ان ڪري دوکو  آهي، ڇاڪاڻ جو اها تبديل ٿئي پئي. يوناني فلسفي پئٿا غورث جوڻ مٽ، جنمي ڦيري جي ڳالھ ڪئي آهي، يعني سندس مطابق انسان جو روح ڪائناتي روح جو ٽٽل حصو آهي، جيڪو فلسفي ۽ سائنس کي زندگي ارپڻ وسيلي ئي مڪتي يا نجات حاصل ڪري سگهي ٿو. ان فلسفي جا آثار هندستان  ۾ پڻ ملن ٿا. هندي فلسفي ۾ اها ڳالهه بار بار جنم وٺڻ آواگون Transmigration واري خيال ۾ سمايل آهي، جنهن مطابق هڪ آتما، تمام وڏي آتما جو حصو آهي ۽ آخر ۾ ان ۾ ضم ٿي وڃي ٿي. يعني انساني آتما جو وڏو مقصد برهما (آتمائن جي آتما) سان ملي وڃڻ آهي پر جيسين اها نه ٿي ملي، تيسين آتما مختلف جسمن ذريعي بار بار جنم وٺي ٿي ۽ اها برهما سان تڏهن ملندي، جڏهن اها پاڪ صاف ٿئي. هنن دليلن جو مقصد اها ڳالهه واضح ڪرڻ هو ته جيئن يوناني فلسفي پاڻ کان بعد جي فڪر، خيالن تي اڻ مٽ نشان ڇڏيا، تيئن يوناني تهذيب کان به گهڻو اڳ انسان ڪائناتي مامرن ۽ تخليق وغيره تي قياس آرايون ڪيون هيون، جن جو اثر يوناني فلسفي اندر اسان کي ملي ٿو. ها اها ٻي ڳالهه آهي ته اهي قياس آرائيون، اهي ٽڙيل پکڙيل خيال يونان اندر هڪ منظم ۽ اڳين کان وڌيڪ بهتر انداز ۾ ملن ٿا، جيڪي يقينن يونان جا انساني فڪر، فلسفي ۾ وڏا ڪارناما آهن ۽ اهي سدائين تاريخ ۾ سونهري اکرن سان لکيا ويندا.

[email protected]