لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس لاڙڪاڻو ۾ ٻيو بين الاقوامي يوٿ انٽرپرينيورز سمٽ ٿي گذريو. بزنس ڊپارٽمينٽ جي شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان صنعتي، ،ڪاروباري، ثقافتي، تفريحي اسٽالن سان گڏ راندين  توڙي مختلف کاڌن جا جا اسٽال لڳائي پنهنجي صلاحيتن کي اُجاگر ڪيو،  ڊپٽي ڪمشنر رابعه سيال سميت شهر جي سڄاڻ ڌرين شاگردن ۽ شاگردياڻين طرفان لڳايل اسٽالن جو دورو ڪري جائزو ورتو ۽ شاگردن جي محنت کي ساراهيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر جو چوڻ هو ته تعليم سان گڏ اهڙين ھم نصابي سرگرمين ذريعي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجون صلاحيتون ظاهر ڪرڻ جا موقعا ملندا.پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اظهر علي شاهه خطاب ڪندي چيو ته ٻيو بين الاقوامي يوٿ انٽرپرينيورز سمٽ ٽي ڏينهن جاري رهندو.جنهن دوران تربيتي ورڪشاپ ۽ پينل ڊسڪشن ٿيندا.آخر ۾ پرو وائيس چانسلر ڊي سي ۽ ٻين آيل مهمانن کي سنڌ جي ثقافت اجرڪ اوڍائي شڪريو ادا ڪيو. ڊي سي کي شيلڊ پڻ ڏني وئي. ميلي دوران شاگردن ۽ شاگردياڻين جو جوش ڏسڻ وٽان هو، مختلف گيتن تي جهمريون هڻي نعرا هڻندا رهيا ۽ مختلف انداز ۾ سيلفيون ۽ تصويرو پڻ ٺاهيندا رهيا.