ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) جيڪڏهن اوهان ساهه روڪي منهن پاڻيءَ سان ڀريل ڪنهن بالٽيءَ ۾ وجهو ته اوهان جو ساهه منجهڻ لڳندو ۽ ڪجهه سيڪنڊن ۾ ئي منهن بالٽيءَ مان ٻاهر ڪڍندا. ڪجهه ماڻهو ٻه کان ٽي منٽ به پاڻيءَ ۾ ساهه روڪي سگهندا آهن. پر ڇا اوهان کي خبر آهي ته دنيا ۾ هڪ اهڙو قبيلو به آهي جنهن جو مقابلو ڪوبه نٿو ڪري سگهي بلڪ ان قبيلي سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڪنهن سپر هيرو کان گهٽ ناهن. باجائو نالي قبيلي جي ماڻهن کي سامونڊي خانه بدوش به چيو ويندو آهي جيڪي سمنڊ ۾ زندگي گذاريندا آهن ۽ پاڻيءَ اندر 200 فوٽ گهرائي ۾ 13 منٽن تائين ساهه روڪي سگهندا آهن. فلپائن، ملائيشيا ۽ انڊونيشيا ۾ رهندڙ اهي ماڻهو مڇيءَ جو شڪار يا قدرتي شئين جي ڳولا لاءِ پاڻيءَ ۾ ٽُٻي لڳائيندا آهن. محققن موجب عام ماڻهو ڊگهو وقت ساهه روڪڻ لاءِ ڪيترائي سال مشق ڪندا آهن پر باجائو قبيلي جا ماڻهو پيدائشي طور تي ئي اها صلاحيت رکندا آهن.