اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم طرفان اسلام آباد جي فراش ٽائون ۾ نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جو افتتاح، اسڪيم تحت 2 هزار ماڻهن کي فليٽس ڏنا ويندا، تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته نيا پاڪستان هائوسنگ اسڪيم تحت اهڙن ماڻهن کي فليٽس ڏنا ويندا، جِن فليٽس جي باري ۾ ڪڏهن سوچيو به نه هو، اُميد ته فليٽس وقت تي مڪمل ٿيندا، بئنڪس ننڍن ماڻهن کي قرض ڏيڻ جون عادي نه هيون ۽ پئسو نه هجڻ سبب ماڻهن کي ڏکيائيون پيش اينديون هيون، هاڻي بئنڪس قرض ڏيڻ لاءِ تيار آهن، حڪومت جون آسان قرض لاءِ ڪوششون ڪامياب ٿي رهيون آهن، تقريب کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ڪراچي جي ٻيٽن تي نئون شهر اڏڻ لاءِ پرڏيهي سيڙپڪارن دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، سنڌ حڪومت سان ڳالهيون جاري آهن