اهو به وقت هو، اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ سڀ ڪو پنھنجي ۾ پورو آ … ذوالفقار سولنگي

0
94
اهو به وقت هو، اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ سڀ ڪو پنھنجي ۾ پورو آ ... ذوالفقار سولنگي

 هڪ اهو وقت به هو جڏهن ”دوڪاندار کي ڪو کوٽو سڪو ھلائڻ ۾ ڪامياب ويندا ھئا سين ته ڏاڍو پاڻ کي چالاڪ سمجھبو ھو ۽ اھو وڏو فراڊ سمجھيو ويندو ھو

 ماستر جيڪڏهن ٻار کي ماريندو هو ته ٻار اچي پنهنجي  گھر نه ٻڌائيندو هو کيس پڪ ھوندي ھئي ته پيءُ کي ٻڌائيندس ته ماستر کان به وڌيڪ موچڙا کائيندس

                          هي اھو دور هوندو هو جڏهن ٽيوشن پڙهڻ وارا ٻار جڏا سمجھيا ويندا هئا.

                          وڏن ڀائرن جا ڪپڙا ننڍا ڀائر استعمال ڪندا هئا ۽ اھا ڪا  معيوب ڳالهه نه سمجهي ويندي ھئي.

                         پاڻ ۾ ٻاراڻي جھيڙي جي موقعي تي ڪو ھٿيار استعمال نه ٿيندو ھو ٿڦ چنبو لڪڻ ڀتر ڌڪو يا ٻڪ مٽي جو کڻي ھڻبو ھو ۽ جھيڙي کانپوءِ ڪمزور ڌر جو صرف ايترو ئي چوڻ ڪافي ھوندو ھو ته ” بيھه مان تنھنجي گھر دانھن ٿو ڏيڻ وڃان تنھنجي پيءُ ماءُ کي، اهو ٻڌڻ سان مخالف جو ساھ سڪي ويندو ھو ۽ ايلاز منٿن تي اچي ويندو ھو ته بابي کي دانھن نه ڏجان.

 ان وقت جا پيئر به ڇا ته ڪمال جا ھوندا ھئا شڪايت ڏيندڙ سان انصاف ڪندا ھئا ۽ پنھنجي پٽ کي ان جي سامھون ذليل ڪندا ھئا پر پوءِ ڀاڪر پارائي ڇڏيندا ھئا.

 صبح سوير فجر جي وقت ھڪل واري آواز ۾ سڀني کي نماز لاءِ اٿاريندا ھئا جيڪا خالص الله لاءِ پڙھي ويندي ھئي ڪا لالچ يا مراد نه ھوندي ھئي بس معمول ھوندو ھو ، اسان جھڙا گوسڙو به مسجد ۾ سيپارو پڙھڻ لاءِ ويندا ھئا ۽ ملان لاءِ مانيون ٽڪيون پاڙي مان وٺي ايندا ھئا ، اھو اھڙو خالص دور ھوندو ھو جو پرپٺ به استاد ملان کان خوف ھوندو ھو پيرن تي ھٿ رکي ملڻ لازم ھوندو ھو ، مارون به الاھي کائبيون ھيون پر مجال آ جو استاد سان اف به ڪريون

ڪنهن گهر ۾ مھمان ايندا ھئا ته سموري پاڙي کي خبر پئجي ويندي ھئي ۽ مھمان به ھفتو پندرنھن ڏينھن ۽ مھينو به اچي ٽڪندا ھئا ايتري قدر جو سمورو پاڙو انھن جو دوست ٿي ويندو ھو شام جو کيڏڻ لاءِ سموري پاڙن جي گھرن ۾ لڪڻ يا انھن جي ڪوٺن ۽ ڀتيون ٽپڻ تي ڪو ٻي ذات وارو پاڙيسري به اعتراض نه ڪندو ھو ، مھمانن لاءِ خاص بسترا ٽڪ واريون رليون ۽ پٽ سان ڀريل يا لکيل ويھاڻا جن تي اڪثر طوطا گل ۽ ڀلي ڪري آيا لکيل ھوندو ھو ، ٿانو به ڪٽ جا ھوندا ھئا جن تي نالا به لکيل ھوندا ھئا ، کٽون يا ھنڌ پاڙي مان وٺڻ ڪا شرمندگي نه ھوندي ھئي سڀ ڪو وڏي دل ڪري چوندو ھو ابا جام آ جڳھه ، ڪجھه مھمانن کي اسان ڏي موڪليو ، پنھنجا پاڻ ۾ آھيون ، نلڪي تي مھمانن کي ونھجاريو ويندو ھو مطلب گيڙا ڏئي ، ڪو نئون ٽوال ڪلھي تي رکي انتظار ڪندو ھو ڪو ڪپڙا مائين کان وٺي اچي ان ۾ پاڻ ئي اڳٺ وجھي ڊريس تيار ڪيون الرٽ بيٺو ھوندو ھو ، ڪو وري آئينو ڦڻي ۽ تيل جي شيشي کڻي،

ويڙھي جا مائٽ توڙي پاڙيسري کير مکڻ لسي ڏڌ به موڪلي ڏيندا ھئا ته نيرن اسان جي طرفان ھوندي پوءِ ڪا تر وغيره نه سيرو عرف حلوو سيون مکڻ سان ماني ڍئو تي ، ڪنھنجي شادي ٿيندي ھئي ته وڏو ڍور ليٽائي ڀڳل گوشت کي ٽئي ويلا سٽڪو ڏبو ھو ، پنھنجا پراوا سڀ گڏجي جھمر ھڻندا ھئا ڪو حساب نه ھوندو ھو نه ئي ڪا انا وڏائي ، ماڻھو ڇا چوندا ، منھنجو ڇا وڃي اھڙا سوال ڄڻ وجود ئي نه رکندا ھئا ، سڀ ڪو پاڻ ئي ھٿ ھمراھي ڪرائيندو ھو ، ڪو ڊيڪوريش سسٽم نه ، پاڻ ئي تارون ڇڪي وڏا بلب ٽنگيا ويندا ھئا ، دھلائي به ٽي ڏينھن مھمان ٿيل ھوندا ھئا ۽ اڪثر ڄڻ ميزبانن سان برادري اٿن سڀ ڪنھن جي خبر ھوندن ، فلاڻو آيو آ ، فلاڻو اڃا نه پھتو آ ، ھڪ پاسي نوجوان ڇوڪرا رونشو ڪندا ھئا ته ٻئي پاسي پوڙھا ھڪ ٻئي کان حالي احوالي ٿي پوءِ وري ٻه کٽون ملائي تاس کيڏندا ھئا پر جوا نه رنگ وار مڙئي ٽائيم پاس ، ھارائيندڙ تي اھا سزا ھوندي ھئي ته وڃي فلاڻي وڻ کي ھٿ لاھي آ ،

شادي کانپوء مھمان ويندا ھئا ته سڀ ڪو اداس ٿي ويندو ھو کانئن موڪلائڻ ايندو ھو ۽ کين منٿون يا زور ڀريندو ھو ته وڌيڪ ترسو ، ميزبانن مان مھمانن جي ننڍڙن ٻارن يا نياڻين سياڻين کي خرچي روپيو ٻه ڏبا ھئا ته سڀ مھمان تقريبن ميزبانن کي منع ڪندا ھئا ته نه ابا نه ڏيوس پر ميزبان زوريءَ خرچي ڏئي پوءِ بس ڪندا ھئا چوندا ھئا ابا پنھنجا ٻچا آھن ، ڪي وري ھجائتن مھمانن کي وڌيڪ ترسڻ لاءِ اھا لالچ به ڏيندا ھئا ته ماسات تون نه وڃ ، الا تون رھ ته رات ھي ڪارڙي ڪڪڙ ڪھندس شوق جي ٻچن لاءِ بيھاري ھئي پر تو تان قربان ، ائين ئي قربائتي ڪچھري دوران ڪو جوان اچي وڏي آواز ۾ چوندو ھو ته ابا ٽانگا اچي ويا آھن ، ھڪ وسائي جي گھر جو ، مامي ڪوڙل جو ، پڦڙ شيرل ۽ ھڪ اسانجو ، وٺ سٺ ٿي ويندي مايون ماين سان ڀاڪرين ، مرد ٻارن کي سنڀالڻ لاءِ زائفن کي ھوشياري ڏياريندي سامان صندوق سنڀالڻ ۽ ڪي وري چون جاري ۾ ٻير پٽي رکيا ھئا اھي کڻجانءِ ،

بس ائين ماحول اداس ڪري ٻيھر اچڻ جي نئين واعدن سان الوداع ڪري ويندا ھئا ، ھينئر اھڙا رويا ڳوليا نه لڀندا بلڪه ڄڻ ھي ڳالهه نئين نسل کي ڪوڙي لڳندي اڄوڪي ترقي يافته دور ۾ ، جتي سڀ ڪو پنھنجي ۾ پورو آ ، مڙئي گذارو نالي ماتر. (فيس بوڪ تان ورتل)