اهم موڙ تي بيٺا آهيون، اسان کي ترڪيءَ ٿيڻو آهي يا وري ميانمار ؟ عمران خان

0
319

اڳوڻي وزير اعظم ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اڄ اسان آئيني تاريخ جي اهم موڙ تي بيٺا آهيون، اسان کي يا ترڪيءَ جهڙو ٿيڻو آهي يا وري هڪ ٻيو ميانمار بڻجڻو آهي

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ٽويٽ ۾ چيو ته هر ڪنهن کي اهو فيصلو ڪرڻو آهي ته هو پي ٽي آءِ جيان آئين، قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت سان گڏ بيهڻو آهي يا ڪرپٽ مافيا، جهنگ جي قانون ۽ فاشزم سان گڏ بيهڻو آهي

هن چيو ته ڪرپٽ ٽولي پاڪستان کي نقصان پهچايو، اڄ پاڪستان اهم موڙ تي بيٺو آهي،  قوم کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو ڪنهن سان گڏ آهي

هي به پڙهندا

عمران خان کي سڪيورٽي فراهم نه ڪرڻ واري درخواست تي وفاق ۽ گهرو وزارت کي نوٽيس جاري