اسلام آباد: حڪومت اهم مقررين جي قاعدن ۽ ضابطن جي رولز ۾ ترميمن جو به فيصلو ڪيو آهي جنهن تي اتحادين کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اڄ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيندو ان کان اڳ اتحادي پارٽين جو اجلاس ٿيندو، وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ اهو اجلاس ٿيندو، ڪالهه وزيراعظم جي صدارت ۾ اتحادين جي ٿيل سربراهي اجلاس ۾ به وزيراعظم ٻڌايو ته سڀاڻي (اڄ) وفاقي ڪابينا جو اجلاس آهي ان کان اڌ ڪلاڪ اڳ اسان اتحادي گڏ ٿينداسين جنهن ۾ ڪجهه قانوني تبديلين تي مشاورت ڪنداسين، رولز ۾ تبديلي ڪئي ويندي، ان بابت گڏجاڻي ٿيندي، جنهن کانپوءِ اهڙو مامرو وفاقي ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، ڪابينا اجلاس ۾ رولز ۾ ترميمن جي منظوري ورتي ويندي.