ڪراچي(اسپورٽس ڊيسڪ) آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي عالمي ڪپ جي فائنل ۾ انگلينڊ پاڪستان کي پنج وڪيٽن تان هارائي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپيئن جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي. ميلبورن ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ پاڪستان پهرينا کيڏندي مقرر 20 اوورن ۾ اٺ وڪيٽن جي نقصان تي 137 رنسون ٺاهيون جواب ۾ انگلينڊ 138 رنسن جو هدف 19 هين اوور ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو.انگلش ٽيم جي فائنل ۾ ڪاميابي کانپوءِ پاڪستان ۾ برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪندي چيو ته ” دل دل پاڪستان، جان جان انگلينڊ “هن لکيو ته ٽرافي انگلينڊ ۽ دليون پاڪستان کٽي ورتيون، انگلش ٽيم کي ورلڊ کٽڻ تي جڏهن ته پاڪستان کي سٺو مخالف ۽ دوست بڻجڻ تي تمام گهڻيو وڌايون هجن.