ايمسٽيلوين (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ نيڌرلينڊ خلاف پهرين ون ڊي ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 498 رنز ٺاهي پنهنجو ئي آسٽريليا خلاف ٺاهيل 481 رنز جو عالمي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو. انگلينڊ جي پهرين وڪيٽ جيسن ررواءِ جي صورت ۾ هڪ رن تي ڪري، ٻي وڪيٽن تي فل سالٽ ۽ ڊيوڊ ملان 222 رنز جي ڀائيواري قائم ڪئي، فل سالٽ 3 ڇڪن ۽ 14 چوڪن جي مدد سان 93 بالن تي 122 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. ته ٽئين وڪيٽ تي ڊيوڊ ملان ۽ جوز بٽلر پاران 184 رنز جي ڀائيواري قائم ڪئي وئي. ڊيوڊ ملان 3 ڇڪن ۽ 9 چوڪن جي مدد سان 109 بالن تي 125 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيو. جوز بٽلر ۽ لونگ اسٽون وچ ۾ 91 رنز جي ڀائيواري قائم ڪئي وئي. جوز بٽلر 14 ڇڪن ۽ 7 چوڪن جي مدد سان 70 بالن تي 162 ۽ لونگ اسٽون 6 ڇڪن ۽ 6 چوڪن سان 22 بالن تي 66 رنز سان ناٽ آئوٽ رهيا. انگلينڊ ون ڊي ميچ ۾ 26 ڇڪن جو عالمي رڪارڊ به پنهنجي نانءِ ڪري ورتو.