لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪ- انگلينڊ ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان  ٿي ويو،  جنهن ۾ اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد جي واپسي ٿي جڏهن ته فواد عالم کي هڪ ڀيرو وري نظر انداز ڪيو ويو آهي. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيف سليڪٽر محمد وسيم انگلينڊ خلاف ٽن ٽيسٽ ميچن جي سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪيو. 18 رڪني اسڪواڊ ۾ ڪپتان بابر اعظم، محمد رضوان، عبدالله شفيق، ابرار احمد، اظهر علي، فهيم اشرف، امام الحق، محمد علي، محمد نواز، محمد وسيم جونيئر، نسيم شاهه، نعمان علي، سلمان علي آغا، سرفراز احمد، سعود شڪيل، شان مسعود ۽ زاهد محمود شامل آهن. جڏهن ته فواد عالم ۽ حسن علي کي ڊراپ ڪيو ويو آهي. چيف سليڪٽر محمد وسيم چيو آهي ته انگلينڊ خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ چونڊيل اسڪواڊ سليڪشن ۾ علائقائي ڪارڪردگي کي پڻ ڌيان ۾ رکيو ويو آهي.