لنڊن (اسپورٽس نيوز) انگلش بيٽسمين جوني بيرسٽو نيوزيلينڊ خلاف سيريز جي ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو.  ڪرڪ انفو رپورٽ موجب انگلش بيٽسمين جوني بيرسٽو انگلينڊ کي نيوزيلينڊ خلاف ٽرينٽ برج ۾ کيڏيل ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ بهترين راند جو مظاهرو ڪري ڪاميابي ڏياري. انگلينڊ کي ميچ کٽڻ لاءِ 72 اوورن ۾ 299 رنسن جي ضرورت هئي ته جوني بيرسٽو جارحاڻي راند جو مظاهرو ڪندي صرف 92 بالن تي 136 رنز جي اننگز کيڏي. شاهد آفريدي ويسٽ انڊيز خلاف برج ٽائون ۾ صرف 78 بالن تي سينچري اسڪور ڪيو هو. جڏهن ته جوني بيرسٽو 77 بالن ۾ سينچري ڪري ٽيسٽ ميچ جي چوٿين اننگز ۾ ٻي تيز ترين سينچري جو رڪارڊ قائم ڪري ورتو.