انڪل ڇو چيو؟ سلمان خان سارا کي فلم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

0
287
سلمان خان سارا کي فلم ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

بالي ووڊ اداڪارا سارا علي خان ۽ سلمان خان جي هڪ دلچسپ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي

انٽرنيشنل انڊين فلم اڪيڊمي ايوارڊز ’آئيفا‘ جي تقريب مان ورتل هڪ مختصر وڊيو ڪلپ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن ۾ سارا علي خان ۽ سلمان خان نظر اچي رهيا آهن

وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته اداڪارا تقريب ۾ اسٽيج تي سلمان خان سان مذاق ڪندي چيو ته ”مان سلمان چاچا سان گڏ پنهنجو برانڊ لانچ ڪرڻ واري آهيان“جواب ۾ سلمان خان جي چهري جا تاثرات تبديل ٿي ويا جڏهن ته حاضرين به حيران ٿي ويا

سارا جي ان ڳالهه جو جواب ڏيندي سلمان خان چيو ته ”هاڻي تنهنجي پڪچر وئي“ ساره حيرانگي سان اداڪار ڏانهن ڏٺو، جنهن تي دبنگ خان چيو ته سارا مونکي سڀني جي سامهون چاچا ڇو چيو؟

واضح رهي ته آئيفا تقريب جي شوٽنگ جون جي شروعات ۾ يو اي اي جي راڄڌاني ابوظهبي ۾ ٿي هئي