جڪارتا (م ڊ) انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا ۾ 5.6 شدت جي زلزلي وڏي پيماني تي تباهي مچائي ڇڏي، فوتين جو انگ وڌي 252 تائين پهچي ويو آهي، جن ۾ وڌيڪ اسڪول جا ٻار آهن، جڏهن ته 370 کان وڌيڪ زخمي آهن. آمريڪي جيولوجيڪل سروي موجب زلزلي جي شدت ريڪٽر اسڪيل تي 5.6 هئي ۽ ان جو مرڪز جاوا جي اوڀرين علائقي ۾ 10 ڪلو ميٽر اونهائي ۾ هو. زلزلي جا لوڏا گادي واري شهر جڪارتا ۾ به محسوس ڪيا ويا. زلزلي سبب ڪيترائي اسڪول ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، جنهن سبب فوت ٿي ويلن ۾ ڪيترائي ٻار به شامل آهن جن جو صحيح انگ اڃا تائين جاري نه ٿي سگهيو آهي پر اهو ٻڌايو پيو وڃي ته فوتين ۾ وڏو انگ ٻارن جو آهي. پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن ۾ انڊونيشيا جي اختيارين جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته سومر جي صبح انڊونيشيا جي ٻيٽ جاوا ۾ انيدڙ زلزلي سبب ڪيتريون ئي عمارتون ڪري پيون، عمارتن جي ملبي ۾ ڪيترائي ماڻهو اڃا دٻيل آهن. انڊونيشيا جي ڊيزاسٽر مينجمينٽ جي ترجمان ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ايندڙ زلزلي ۾ فوتين جو انگ 252 ٿي ويو آهي. 31 ڄڻا اڃا تائين گم آهن، جڏهن ته 377 ڄڻا زخمي پڻ ٿيا آهن جن کي مختلف اسپتالن ۾ طبي امداد ڏني پئي وڃي.
هينئر تائين ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺيان دٻيل آهن. امدادي ڪمن دوران لاش ملڻ جو سلسلو جاري آهي. زخمين مان به ڪيترن ئي ماڻهن جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب فوتين جي انگ ۾ واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. ياد رهي ته ٻيٽن تي ٻڌل ملڪ انڊونيشيا ۾ زلزلا اچڻ معمول جي ڳالهه آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهي انتهائي خطرناڪ ثابت ٿيندا آهن. آگسٽ 2018 ۾ 500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا هئا جڏهن ته 2 هزار کان وڌيڪ زخمي ۽ 3 لک ماڻهو بي گهر ٿي ويا هئا.