اسلام آباد (بيورو رپورٽ + م ڊ) انٽيليجنس سربراهن جي چيف جسٽس سان 3 ڪلاڪ ملاقات، پنجاب ۽ 14 مئي تي چونڊن لاءِ سيڪيورٽي بابت بريفنگ، جڏهن ته وزارت دفاع سڄي ملڪ ۾ گڏيل چونڊن جي درخواست سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪري ڇڏي آهي. تفصيل موجب وزارت دفاع سڄي ملڪ ۾ گڏيل چونڊن جي درخواست داخل ڪري ڇڏي، سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته سڄي ملڪ ۾ گڏيل چونڊن جو حڪم ڏنو وڃي، سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ چونڊن جو حڪم واپس وٺي، ملڪ ۾ سيڪيورٽي صورتحال سبب 5 اپريل وارو فيصلو واپس ورتو وڃي، عدالت سنڌ ۽ بلوچستان اسميبلي جو  مدو پورو ٿيڻ تي چونڊن جو حڪم ڏئي. هوڏانهن سُپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ ٻين ججز سان انٽيليجنس ادارن جي سربراهن ملاقات ڪئي، ذريعن موجب پنجاب ۽ 14 مئي تي چونڊن لاءِ سيڪيورٽي بابت بريفنگ ڏني وئي، ملاقات ۾ ڊي جي ملٽري آپريشنز ۽ سيڪريٽري دفاع به موجود هئا. ذريعن موجب ملاقات ۾ چيف جسٽس کانسواءِ ٻيا ججز به موجود هئا، ملاقات چيف جسٽس جي چيمبر ۾ ٿي، جنهن ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس منيب اختر به موجود هئا. هوڏانهن بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجا آصف عسڪري عملدارن جي سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ جي ججز کي بريفنگ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي. خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عسڪري عملدارن چونڊن واري معاملي تي سپريم ڪوررٽ جي ججز کي بريفنگ ڏني آهي. ججز کي ٻڌايو ويو ته ٻن مرحلن ۾ فورسز کي موبلائيز  ڪرڻو پوندو جيڪو ناممڪن آهي.  ڪالهوڪي عسڪري قيادت جي بريفنگ پهرين اپريل واري جواب جو تسلسل آهي. ججز کي ٻڌايو ويو ته فورسز جي اهلڪارن کي هر هر اليڪشن لاءِ موبلائيز نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته ادارا آمهون سامهون آهن، آئيني ڊيڊلاڪ جي صورتحال پيد اٿي وئي آهي. هن وقت پارليامينٽ ۽ عدليه هڪ ٻئي جي آمهون سامهون بيٺا آهن. وفاقي وزير چيو ته فنڊز بابت پارليامينٽ پروپوزل رد ڪري ڇڏيو آهي. موجوده حالتن ۾ مون کي چونڊون ٿيندي نظر نٿيون اچن. اليڪشن ڪميشن به چيو آهي ته هڪ وقت تي چونڊون ڪرايو.