ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ ) انٽر بينڪ ۾ ڊالر 153 رپين واري نفسياتي حد کان به گهٽجي ويو، 7 پئسن جي لاٿ سان 152.94 رپين تي وڃي پهتو، جڏهن ته يورو 181.78 ، پائونڊ 209.65 ۽ سعودي ريال 40.78 رپين تي پهتا، ٻئي طرف جمعي تي سنڌ ۾ صرافه بازارون بند هجڻ سبب سون 104500 ۽ چاندي 1380 رپيا في تولو تي بيٺل رهيا، هوڏانهن ملڪي اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 10 پئسا واڌاري سان 153.5 مان 153.4 رپيا ٿي ويو، جڏهن ته پائونڊ هڪ رپيو لاٿ سان 212 مان211 رپين تي پهتو، ٻئي طرف يورو 50 پئسا لاٿ سان 182.5 مان 182 رپيا ٿي ويو