انٽر بينڪ ۾ ڊالر بي قابو، 262 رپين جو ٿي ويو

0
288
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو
ڊالر ۾ تيزي اچي وئي : هڪ ڏينهن ۾3 رپيا مهانگو: سون 206500 رپين تي پهتو

ڪراچي: انٽربينڪ ۾ ڊالر جي مٿانهين اڏام جاري آهي ۽ رپئي جي مقابلي ۾ ڊالر جي قدر ۾ تيزي سان واڌ ٿي رهي آهي

گذريل ڏينهن ڪاروباري ڏينهن جي شروعات ۾ ئي آمريڪي ڊالر جي قيمت ۾ واڌ جو سلسلو جاري رهيو ۽ انٽر بينڪ مارڪيٽ جي پڄاڻي تي امريڪي ڊالر 24 رپيا 54 پئسن جي اضافي سان 255 رپيا 43 پئسا تي بند ٿيو

جمعي ڏينهن تي به انٽر بينڪ ۾ ڪاروباري ڏينهن جي شروعات تي آمريڪي ڊالر جي قدر ۾ واڌ رهي آهي، ڊالر وڌيڪ 6 روپيا 67 پئسا مهانگو ٿي ويو، انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ٻن ڏينهن ۾ 31 رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 262 رپين تائين پهچي ويو آهي

ٻن ڏينهن اندر پاڪستان جي قرضن ۾ 3 هزار 950 ارب رپين جي به واڌ، اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر 8 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 265 رپين جو ٿي ويو

هي به پڙهندا

آمريڪي ڊالر ملڪي تاريخ جي بلند سطح 255 رپين تائين پهچي ويو