انٽرنيٽ ۾ فني خرابي: برطانوي سرڪاري ويبسائيٽ سوڌو ڪيتريون ئي ويبسائيٽس ڊائون

0
287

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) امريڪا سوڌو يورپ اندر انٽرنيٽ ۾ فني خرابي سبب برطانوي حڪومت سرڪاري ويبسائيٽ سوڌو ڪيتريون ئي ويبسائيٽس ڊائون، ايمازون، سي اين اين، پي پال، گارجين ۽ نيويارڪ ٽائيمز سوڌو ٻيون ويبسائيٽس ڊائون ٿي ويون، برطانوي خابرو اداري جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ سروس مهيا ڪندڙ امريڪي ڪمپني جي ڪلائوڊ ڪمپيوٽنگ ۾ فني خرابي سبب مسئلو ٿيو.