اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گھرو وزير راڻا ثناءُ الله ملڪ ۾انٽرنيٽ جي بحالي بابت بيان ڏيندي چيو آهي ته انٽرنيٽ سروس جي بحالي جو فيصلو مختلف ايجنسين جي رپورٽ جو جائزو وٺڻ کانپوءِ ڪيو ويندو.خانگي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي اندازو هو ته هڪ ٻه ڏينهن اهڙيون حالتون رهنديون، جنهن سبب انٽرنيٽ بند ڪئي وئي. واضح رهي ته عمران خان جي گرفتاري کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال سبب حڪومت ملڪ ۾ انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا کي بند ڪيو هو.