حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هٽڙي واري علائقي ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ ساٿين جي فائرنگ دوران مارجي ويل انيس چنا جو لاش وارث پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سندس لاش والد محمد يوسف چنا جي حوالي ڪيو ويو جيڪو حيدرآباد مان رات دير سان پنهنجي ڳوٺ مورو لڳ نوان جتوئي کڻائي ويو. لاش وصول ڪرڻ لاءِ گذريل ڏينهن شام جو وارث سول اسپتال پهتا پر ميڊيڪو ليگل شعبي کين لاش ڏيڻ کان انڪار ڪندي چيو ته هو هٽڙي ٿاڻي تان لاش وصول ڪرڻ لاءِ ليٽر لکرائي اچن جنهن بعد کين لاش ڏنو ويندو. ٻڌايو پيو وڃي ته مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل انيس چنا جي والد ۽ ٻين مائٽن رات دير تائين ڪوششون ڪيون جنهن بعد پوليس سندن لاش حوالي ڪيو ۽ هو پنهنجي ڳوٺ کڻائي ويا. ذريعن ٻڌايو ته پوليس انيس چنا کي ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي مان ننڍي ڀاءُ ۽ گهرواري سميت گرفتار ڪري حيدرآباد منتقل ڪيو هو سندس مقابلي ۾ ساٿين سان گڏ مارجڻ بعد پوليس گهرواري ۽ ننڍي ڀاءُ کي به آزاد ڪري ڇڏيو آهي. پوليس پاران انيس چنا جو لاش وارثن حوالي ڪرڻ جي تصديق نه ڪئي هئي پر ذريعن تصديق ڪئي ته لاش سندس والد حوالي ڪيو ويو هو.