ڪراچي(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان انضمام الحق چيو آهي ته سريلنڪا کان ڀارت جي شڪست جو هڪ سبب هن جي پاڪستان هٿان شڪست به آهي. انضمام الحق چيو ته پاڪستان کان هارائڻ کانپوءِ ڀارتي ٽيم دٻاءَ ۾ آهي، سريلنڪا خلاف ميچ ۾ به ڀارتي ٽيم دٻاءَ ۾ نظر آئي. انضمام الحق سريلنڪن ٽيم جي به تعريف ڪئي ۽ چيو ته ايشيا ڪپ ۾ سريلنڪا سڀ کان سٺي ڪرڪيٽ کيڏي، پاڪستان به بهتر ڪرڪيٽ کيڏي رهيو آهي.