انصاف گهرڻ به مهانگو پئجي ويو!، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ نئين مصيبت

0
182
انصاف گهرڻ به مهانگو پئجي ويو!
انصاف گهرڻ به مهانگو پئجي ويو!، سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن لاءِ نئين مصيبت

ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل تي پوليس اٽالن جي چڙهائي، تشدد توڙي شاگردن کي کنڀي گم ڪرڻ واري واقعي خلاف احتجاج ڪندڙ شاگردن لاءِ نئين مصيبت پيدا ڪئي وئي آهي

سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل تي  چڙهائي ۽ شاگردن جي گرفتاري خلاف  احتجاج ڪندڙن شاگردن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

2ڏينهن اڳ احتجاج ڪندڙ 16  سڄاتل ۽ 45 اڻسڃاتلن خلاف روڊ بلاڪ  ڪرڻ ۽ ڊيوٽي اٽڪاءُ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي

ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل جوابدارن ناجائز مطالبن جي مڃتا لاءِ غير قانوني طور روڊ بلاڪ ڪري مسافرن کي پريشان ڪيو

ڪيس ۾هالار جمالي، راشد جوڻيجو،  جانب وساڻ، مور شاهه، علي رضا بروهي، ثقلين سنڌي، زاهد ڏاهري،جبار بوزدار ۽ ٻيا نامزد آهن

پرويز ٻرڙو،اسد نواب ڪلهوڙو،بهرام  پنهور،صفدر جهتيال،سارنگ جويو،علي  آڳرو،اسد الله ڀيلار،آصف ڏاهري به ايف آءِ آر ۾ شامل آهن

شاگردن ڪيس داخل ٿيڻ خلاف ٻيهر ڌرڻو هنيو آهي، متاثر شاگردن الزام هنيو آهي ته پوليس انتقامي ڪارروائي ڪري رهي آهي، سندن مستقبل سان راند ڪئي پئي وڃي، جيڪا بند ٿيڻ کپي

شاگردن جو چوڻ آهي ته  5 ڏينهن اڳ پوليس سنڌ  يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل تي چڙهائي ڪري ڪيترائي شاگرد گرفتار ڪيا هئا، شاگردن سان بيواجبي برداشت نه ڪنداسين، پرامن سياست ۽ شاگردن جا حق گهرڻ ڏوهه بڻجي ويو آهي