انصاف کان محروم ملڪ

0
161
سياست جا تماشا ۽ سنڌ جا سور

  آچر ڏينهن عدالت کلي وئي. عمران کي ضمانت ملي وئي. احتجاج لاءِ آيل ماڻهن جا ميڙ موٽي ويا. هڪ اشو پيدا ٿيندي ئي ختم ٿي ويو. جڏهن ته بحراني حالت افسانوي جنڙي هوندي آهي.ان جنڙيءَ جا ٻار ڄڻائي، دائي ٿڪجي پوندي آهي. پاڪستان مٿان بحراني ڪيفيت جا ڪڪر مسلسل وسي رهيا آهن. ان وسڪاري سبب اشوز سرن ۽ ڊڀن جيان اسري رهيا آهن. اها حالت ڪيترو وقت رهندي؟ ڪيئن چئجي!!

                 پاڪستان جي ڪجهه اميد پرست سياسي پنڊتن جو خيال آهي ته نومبر کان پوءِ ملڪي سياست ۾ موجود ڇڪتاڻ گهٽجي ويندي. نئون سال پاڪستان لاءِ نئين سياسي ڊگر تي هلڻ ۾ مددگار ٿيندو. پر ڇا اهو ڪجهه ٿيندو؟ ڪيئن چئجي!!

                 ڪيئن چئجي؟ ته عدالتن مان وڪٽريءَ جا نشان ٺاهي نڪرندڙ سياستدان ان عوام سان انصاف ڪندا! جيڪو يوناني ديومالا جي مشهور ۽ مظلوم ڪردار وانگر  روزانو زندگيءَ جو پٿر جبل جي چوٽيءَ تائين پهچائي ٿو. ڇا ان سان ڪو انصاف ٿيندو؟ ججن کي ڌمڪيون ڏيندڙ سياستدانن کي آچر ڏينهن به “انصاف” ملي ٿو. پر اهو عام ماڻهو جيڪو برساتن سبب ٻوڙيو ويو. ان تي ڪنهن به ڪورٽ کي هن مهل تائين ڪهل نه آئي آهي. هڪ فرد کي فرياد ڪرڻ سوا به انصاف ملي سگهي ٿو ته هڪ دانهون ڪندڙ قوم تي قياس ڇو نه ٿو ڪيو وڃي؟

اهي هزارين ۽ لکين انسان ناهن. ان انگ جو ڪانٽو ڪروڙ کان مٿي وڌيل آهي. اهي انسان جيڪي حڪومتي نااهلي سبب پنهنجن گهرن، گذر جي وسيلن ۽ عزت نفس کان محروم ٿي ويا. اها حڪومت جنهن “اجهي، لٽي ۽ اٽي” جو واعدو ڪيو هو. ان حڪومت جي ڪارڪردگي سبب سنڌ جا ماڻهو پنهنجن اباڻن ڪکن ۽ ڦاٽل ساٽل ڪپڙن ۽ ٻن وقتن جي مانيءَ کان محروم ٿي ويا آهن. ڇا ان پارٽيءَ جو سياسي احتساب نه ٿيڻ گهرجي، جنهن “روٽي، ڪپڙي ۽ مڪان” ڏيڻ جو واعدو ڪري اهي بنيادي شيون کسي وتيون؟

عدليا وٽ وسيلا ناهن پر انصاف ته آهي. ڇا عدليا “سچ سوجهيندڙ ڪميشن” جو قيام عمل ۾ آڻي نه ٿي سگهي؟ ڇا عدالت هو پتو لڳائڻ جو ڪارنامو سرانجام ڏئي نه ٿي سگهي ته سنڌ ڇو ٻڏي؟ ڇا سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ممڪن هو؟ جيڪڏهن جوهي شهر کي ان جا نوجوان بچائي سگهن ٿا ته سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ ۾ سرڪار ڪو ڪردار ادا نه پئي ڪري سگهي؟

سنڌ ۾ ايترا سرڪاري ملازم آهن، جيڪڏهن انهن سڀني کي صرف هڪ مهيني جي لاءِ “نيشنل ايمرجنسي” ڊڪليئر ڪري سنڌ کي ٻڏڻ کان بچائڻ جي ڪم تي لڳايو وڃي ها ته لکين ماڻهو بالٽيون ڀري به پاڻيءَ کي ڪڍي وٺن ها ۽ سنڌ ٻڏڻ کان بچي پوي ها. پر سنڌ  آهستي آهستي ٻڏندي رهي ۽ سرڪار ڏسندي رهي. قانون ڏسندو رهيو. انصاف اکيون نه ڇنڀيون. اهي ڪيڏا نه دل خراش منظر هئا. جڏهن ڳوٺ ٻڏي رهيا هئا ۽ ماڻهو ٻچڙا وٺي پاڻي جهاڳي رهيا هئا. جڏهن شهرن طرف ٻوڏ ڪڙڪي رهي هئي ۽ ماڻهو موبائل فون جي معرفت پنهنجي شهر جي ٻڏڻ جا منظر پوري دنيا ۾ “لائيو” ڏيکاري رهيا هئا. پر انتظامي سرشتو توڙي انصاف جو نظام پنهنجي جاءِ تان ٿورو به نه چريو.

حڪمرانن عالمي امداد جي اميد سبب ڪجهه نه ڪيو. انهن کي محسوس ٿي رهيو هو ته جڏهن پاڻيءَ واري برسات بند ٿيندي، تڏهن ڊالرن جي برسات شروع ٿيندي. پر انصاف کي ڪهڙي آس هئي؟ انصاف کي ڪهڙو انتظار هو؟ انصاف تحرڪ ۾ ڇو نه آيو؟ ۽ هن مهل تائين ملڪ جو عدالتي سرشتو امدادي ڪيمپن جو جائزو به ڇو نه  وٺي؟

هي وقت آهي. اهو ئي اصل وقت آهي. جڏهن کليل عدالتون لڳايون وڃن. جڏهن سرعام ماڻهن کان معلوم ڪيو وڃي ته انهن کي پيٽ ڀرڻ لاءِ ماني ملي ٿي؟ انهن کي مٿو ڍڪڻ لاءِ ڪپڙي جي ئي سهي پر ڪا ڇت ملي آهي؟ برسات سبب برباد ٿيل ماڻهن کي بيماريءَ ۾ علاج جو حق مليو آهي؟ ڇا ٻري ۾ ٻرندڙ ٻارن کي بخار لاهڻ وارو سيرپ ملي ٿو؟ ڇا ڳورهارين عورتن جي مناسب پرگهور لڌي وڃي ٿي؟ جيڪڏهن متاثر ماڻهن کي ماني ۽ پاڻي نه ٿو ملي ته پوءِ حڪمرانن جي شهه خرچين مٿان پابندي ڇو نه لڳائي وڃي؟ هن مهل به حڪمرانن جي ٽيبل مٿان امپورٽيڊ گل سجائي رکيا ٿا وڃن. هن وقت به حڪمران پنهنجن سڪيلڌن ڪامورن لاءِ ڪاري رنگ جون نيون ڪارون گھرائڻ جا حڪم ڏين ٿا. هن وقت به وزير اعظم ۽ وزير اعليٰ هائوسن جا ٺٺ اهي ئي آهن، جيڪي عام وقت جي دوران هوندا هئا. جڏهن ته هي عام ڏينهن ناهن. هي عام حالتون ناهن. هي وقت تمام گهڻي تڪليف وارو آهي. هن وقت هڪ ڊٻل روٽيءَ جو سلائيس بچائڻ به ڪم اچي سگهي ٿو. پر ڪنهن به وس واري کي ڪا پرواهه ناهي. ڇو ته انهن کي معلوم آهي ته انهن جو احتساب نه ٿيندو. انهن کي خراب ڪارڪردگيءَ سبب ڪا سزا نه ملندي. انهن کي عدالتن ۾ گهرائي اهو نه پڇيو ويندو ته ايترا ماڻهو ڇو متاثر ٿيا ۽ جيڪڏهن ٿي به ويا ته انهن جي امداد لاءِ ڇا ٿو ڪيو وڃي؟

هن حڪومت وٽ متاثر ماڻهن کي وري وسائڻ جي سلسلي ۾ ڪو به روڊ ميپ ناهي. هن مهل تائين ته سروي به نه ٿي سگهيو آهي. اڃان اهي ابتدائي مرحلا ئي مڪمل نه ٿيا آهن، جن کان پوءِ منظم طرح سان مدد ملي سگهي. اڃان تائين حڪومت “ترسو ۽ ڏسو” جي پاليسيءَ تي عمل پيرا آهي. حڪومت جي اهڙي سفاڪ سستيءَ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته جيڪڏهن ماڻهو ٻيهر پنهنجي ماڳ تي پهچي، جياپي جي جبر سبب پراڻي روش واري راهه تي موٽي آيا ته حڪمران عالمي برادريءَ کان امداد وٺڻ لاءِ انهن کي ڇا ڏيکاريندا؟

هي حڪمران به انهن پروفيشنل فقيرن جهڙا آهن، جيڪي پنهنجي وجود جي زخمن جي نمائش ڪري دنيا جي دل ۾ پنهنجي لاءِ رحم پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. جڏهن ته دنيا جو رويو اسان جي حڪمرانن طرف ڪجهه اهڙو ٿي ويو آهي، جهڙو پرفيشنل فقيرن لاءِ هوندو آهي. ڇا پاڪستان کي هن مهل تائين گهربل امداد نه ملڻ جو سبب اهو آهي ته آمريڪا پاڻ اقتصادي طور تي مشڪل ۾ آهي؟ ڇا پاڪستان طرف توجهه گهٽ ڏيڻ جو ڪارڻ يوڪرين ۾ هلندڙ جنگ آهي؟ جيڪڏهن يورپ ۽ آمريڪا يوڪرين مٿان ايترو گهڻو خرچ نه ڪن ها ته پوءِ ان امڪان کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي ته پاڪستان لاءِ امداد جي اميد بهتر حيثيت حاصل ڪري سگهي ها. پر پاڪستان به ان مهل مدد جي پڪار ڪئي، جڏهن آمريڪا ۽ يورپ جو فوڪس يوڪرين تي آهي.

پاڪستان جي امداد نه ٿيڻ جو هڪ ٻيو ڪارڻ اهو آهي ته پاڪستان ڪنهن به عالمي لابيءَ ۾ ناهي. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن پاڪستان چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ تمام بهترين توازن رکي ويندو هو پر هاڻي آمريڪا ته ڇا پر چين به پاڪستان جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. چين پاڪستان کي امداد ته ڇا پر قرض ڏيڻ جي موڊ ۾ به نظر نه ٿو اچي. ڪجهه رپورٽون اهي به آهن ته پاڪستان جي اهڙي حالت  ۾به چين هن کان پنهنجو پراڻو قرض گهري رهيو آهي. پاڪستان وٽ هن بحران مان نڪرڻ جي ڪا واٽ ناهي. جڏهن ته عمران خان ۽ عمران خان جا حامي حلقا ان ڳالهه تي زور ڏئي رهيا آهن ته جلد کان جلد نيون چونڊون ڪرايون وڃن. جيڪڏهن نين چونڊن جي نتيجي ۾ عمران خان اقتدار ۾ آيو ته ڇا هن وقت وارا حڪمران خاموش ٿي ويهندا؟ ڇا انهن کي پنهنجي مٿان داخل ٿيندڙ ڪيسن جي ڪا پرواهه نه ٿيندي؟ اهو ڪيئن ممڪن آهي؟

هيءَ حڪومت سنڌ جي متاثر ماڻهن کي ان ڪري به پنهنجي ماڳ تي موٽائڻ جي ڪوشش نه ٿي ڪري جو اها چونڊون نه ٿي چاهي. هن حڪومت جي خواهش آهي ته چونڊن کي جيترو وقت ٽاري سگهجي، ٽارجي. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن حڪومت کان چونڊن جي حوالي سان سوال ڪيو وڃي ٿو ته حڪمران منهن تي ڪروڌ آڻي جواب ڏين ٿا ته هن صورتحال ۾ چونڊن جي ڳالهه ڪرڻ به مظلوم ماڻهن جي زخمن مٿان لوڻ ٻرڪڻ برابر آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته حڪمرانن جي ڳالهه غلط به نه ٿي لڳي. جنهن صورت ۾ اڌ سنڌ پنهنجي پراڻي سيٽ اپ کان محروم آهي ته ان صورت ۾ اها چونڊن ۾ حصو ڪيئن وٺي سگهندي؟ ڇا ٻيڙين ۾ پولنگ بوٿ قائم ڪيا ويندا؟

اهو ممڪن ئي ناهي ته امدادي ڪيمپن ۾ اليڪشن جي سلسلي ۾ ڪارنر جلسا منعقد ڪرايا وڃن. جيڪڏهن اهو ايڊوينچر ٿيو ته پوءِ اهڙن جلسن ۾ هڪ هٿ جي تاڙيءَ جي گونج ٿيندي. هڪ هٿ جي تاڙيءَ جو مطلب ظالم ۽ بي رحم ڪردارن جي منهن تي پنهنجي هٿ جو نقشو ٺاهڻ کان سواءِ ٻيو ڇا ٿي سگهي ٿو؟ ماڻهن کان امدادي ڪيمپن ۾ ووٽ گهرڻ ڪير ايندو؟ اهو ڪم ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ٿي نه سگهندو. ان ڪري اليڪشن جي خطري کي ٽارڻ جي لاءِ به متاثر سنڌ جي نئين سر بحاليءَ وارو ڪم ڪول پير سان ڪيو وڃي ٿو. ان ۾ سستيءَ جو زبردست مظاهرو ٿي رهيو آهي. هونئن به اسان جي سسٽم ۾ سستيءَ جي تمام وڏي صلاحيت آهي. جيڪو سسٽم هونئن ئي سست هجي، جيڪڏهن ان کي وڌيڪ سست ٿيڻ لاءِ چيو وڃي ته اهو ڪم ايئن هوندو، جيئن “انڌو گهري هڪ اک ۽ هن کي ٻه اکيون ملي وڃن” حڪمرانن جو هر طرح سان مفاد ان ۾ آهي ته متاثر ماڻهن جي مدد نه ٿئي. جڏهن مدد ڪرڻ واري قوت جو مفاد مدد ڪرڻ ۾ نه هجي بلڪه جنهن ڪم ۾ حڪمرانن جو نقصان هجي، اهو ڪم حڪمران نه ڪندا ۽ نه ڪرڻ ڏيندا. اهو ئي سبب آهي ته هن مهل تائين نئين سر آباديءَ جي سلسلي ۾ ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪيو ويو آهي. هن مهل تائين ته انٽرنيشنل اين جي اوز جي مٿان پيل پابنديون به نه هٽايون ويون آهن. هن مهل تائين ته امدادي سامان مٿان ٽيڪس وٺڻ جو سلسلو به نه روڪيو ويو آهي. اڃان تائين اهو ماحول ئي جڙڻ نه ٿو ڏنو وڃي، جنهن ماحول سبب ماڻهو پنهنجن ٻڏل ڳوٺن جي طرف موٽن ۽ پنهنجن ٽٽل گهرن کي جوڙن ۽ زندگيءَ جو سلسلو نئين سج وانگر ڪرڻن جون واڳون جهلي اڳتي وڌي.