انصاف لاءِ واجهائيندي موت جو شڪار ٿيل روزينا گوپانگ جي اڳوڻي مڙس جو موقف سامهون اچي ويو

0
273
انصاف لاءِ واجهائيندي

لاڙڪاڻي ۾ مبينا طور قتل ڪيل ناري روزينا گوپانگ جي اڳوڻي مڙس جو موقف سامهون اچي ويو آھي، جوابدار ناري کي قتل ڪرڻ جي الزامن جي ترديد ڪئي آهي

مبينا قتل ڪيس ۾ روپوش جوابدار مير محمد گوپانگ پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته روزينا کي قتل نه ڪيو آهي

جوابدار چيو ته واقعي واري ڏينهن روزينا منهنجي ماءُ ۽ ڏاڏيءَ سان جهيڙو ڪرڻ بعد ڀيڻ جي گهر وڃي پاڻ کي ڦاهو ڏئي آپگهات ڪيو، واقعي جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي

واضح رهي ته روزينه گوپانگ جو موت کان اڳ رڪارڊ ٿيل وڊيو بيان سامهون آيو هو، هڪ ٻي وڊيو ۾ جوابدار کي روزينه کان ٻار کسيندي به ڏسي سگهجي ٿو

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: اوستا محمد واسڻ ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي زخمي