انصاف جي نظام بابت سوال ۽ افلاطون جو جواب

0
233
انصاف جي نظام بابت سوال ۽ افلاطون جو جواب

 اڄڪلھ ملڪ جي ميڊيا، خاص ڪري سوشل ميڊيا، ۾ اعليٰ عدليه جي حوالي سان ڪافي چوٻول آهي. هڪ پاسي صوبن ۾ اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ تي منصفن ۾ مبينه اختلافن جو خبرون گرم آهن ته ٻئي پاسي وري سياسي پارٽين پاران جلسن ۽ جلوسن ۾ عدليه تي تنقيد ٿي رھي آھي. بدقسمتي سان اسان جي ملڪ جي تاريخ عدليه جي متنازع فيصلن سان ڀري پئي آهي. ذوالفقار علي ڀٽو جو عدالتي قتل ۽ هر مارشل لا جي حمايت اهي فقط چند مثال آهن، جيڪي اعليٰ عدليه جي ڪردار تي سوال اٿارين ٿا. سول ۽ ڊسٽرڪٽ سطح  جي عدليه جو ذڪر نه ڪجي ته بهتر آهي. عدليه آرسي جيئن آهي، جنهن ۾ سماج جو اصلي چهرو نظر ايندو آهي. اها آرسي اسان کي سماج ۾ موجود طبقاتي تفريق، عورتن، ٻارن ۽ ڪمزورن سان زيادتين، معاشي ۽ سياسي بد ديانتي جا داستان ڏيکاري ٿي. ملڪ جا ماڻهو عدل جي نظام مان پهرين به خوش ڪونه هئا پر هاڻي اها مايوسي، ۽ بي اطمينانيءَ طرف وڌي رهي آهي. جيتوڻيڪ عدليه کي رياست جي باقي ٿنڀن جو سهارو هوندو آهي پر ان جي اصلي سگهھ عوام ۽ ان جي عدل تي اعتبار ۾ هوندو آهي. اها صورتحال ڪافي ماڻهن جي لاءِ پريشاني جو سبب به آهي ۽ انهن جي پريشاني بلڪل بجا آهي، ڇو جو  عدليه جا ڪيل فيصلا سماج ۾ ماڻهن جي ڪردار جو تعين ڪن ٿا. جڏهن ماڻهن جو انصاف مان يقين ختم ٿي ويندو آهي ته پوءِ سماج انارڪي ڏانهن وڌڻ لڳندو آهي. فرينچ فلسفي مانٽيسيقيو جو عدليه جي نظام کي رياست جو ٽيون ٿنڀو بنائڻ جو مقصد سماج جي اندر تضادن ۽ تشدد کي گهٽائڻ هو. جيڪڏهن عدل جو نظام سماج جي اندر تضادن کي حل نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ ماڻهو قانون جي بجائي تشدد جو رستو وٺندا.

هاڻي اچو ته ان بحران جو تجزيو ڪريون ته آخر اهو سڀ ٿي ڇو رهيو آهي؟

افلاطون جي خيال ۾، “انصاف فردن جي درميان رشتن تي ٻڌل آهي، جنهن جو دارومدار سماجي تنظيم ۽ جوڙجڪ تي هوندو آهي. انصاف کي سماج جي هڪ حصي طور ڏسڻ گهرجي، نه ڪي فردن جي ڪردار طور. انصاف تي ٻڌل رياست کي سمجهڻ کان پوءِ ئي انفرادي انصاف کي سمجهي سگهجي ٿو”. سماج ۽ انساني جسم جي صحت جا اصول ساڳيا ئي آهن. جڏهن انساني جسم ۾ مختلف عضوا گڏجي ڪم ڪندا آهن، تڏهن ئي ماڻهو صحتمند رهندو آهي پر جي انهن مان ڪو به عضوو ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏيندو آهي ته ماڻهو مري ويندو آهي يا وري هو اپاهج ٿي زندگي گذاريندو آهي. سماج به انساني جسم جيان آهي ۽ ان جا به عضوا آهن، جن جي پاڻ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ سان معاشرو صحتمند رهندو آهي. انهن عضون مان سب کان اهم انصاف آهي، جيڪو صحتمند ۽ پر امن معاشري لاءِ سب کان ضروري آهي. شايد اهو ئي سبب هو جو افلاطون پنهنجو سڀ کان اهم ڪتاب ‘ريپبلڪ’ ان موضوع تي لکيو هو. جيتوڻيڪ اهو ڪتاب 23 سئو سال پهرين لکيو ويو هو پر ان ۾ پيش ڪيل خيال اسان جي سماج ۾ انصاف جي سوال کي سمجهڻ لاءِ فلسفيانه مواد پيش ڪن ٿا.

انصاف ڇا آهي؟

 اهو سوال افلاطون جي هڪ کان وڌيڪ ڪتابن ۾ بحث مباحثي جو مرڪز رهي ٿو پر ‘ريپبلڪ’ انهن ۾ سڀ کان اهم آهي. “انصاف طاقتور جي مفاد ۾ آهي. مختلف قسمن جون حڪومتون پنهنجي مفاد کي مدِنظر رکي قانون ٺاهينديون آهن. اهي قانون حقيقت ۾ طاقتور جي مفاد ۾ هوندا آهن پر هو عوام کي اهي انصاف جي نالي ۾ وڪڻندا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي مڃڻ کان انڪار ڪندو آهي ته هن کي قانون جي ڀڃڪري جي ڏوهھ ۾ سزا ڏيندا آهن…”  افلاطون پنهنجي ساٿي فلسفي جي ان راءِ سان  اختلاف ڪري ٿو ۽ سمجهائي ٿو تھ، “انصاف جو سوال سادو نه آهي، ڇو جو ماڻهو  سادا نه آهن. جيڪڏهن ماڻهو ساڌي زندگي گذارين  ها ته ڳوٺاڻو ڪميونزم ڪافي هجي ها، جنهن ۾ هو چانور ۽ ڪڻڪ پوکين ها، پنهنجي لاءِ سادا گهر ٺاهين ها. هو ٻنين ۾ اگهاڙين پيرين ڪم ڪن ها ۽ سياري ۾ پاڻ کي سيءِ کان بچائڻ لاءِ گرم ڪپڙا اُڻن ها. اهڙي سماج ۾ ماڻهو  پنهنجي ضرورتن کان وڌيڪ خرچ ڪرڻ جي بجاءِ ٻين جو خيال رکن ها. بيشڪ اتي نه ته غربت هجي ها ۽ نه وري جنگ”.  افلاطون جي انهن لفظن مان هڪ ڳاله سمجھه ۾ آئي ته غربت اهم مسئلو آهي. ڇا ملڪ ۾ وڌندڙ غربت موجودھ بحران ۾ تيزي آندي آهي؟ غربت اڪيلو سبب نه آهي پر اهو هڪ اهم سبب ضرور آهي. ان بحران جو ٻيو سبب وڌندڙ معاشي تفريق آهي، جنهن ۾ دولت جي ديوي فقط محدود خاندانن تي مهربان آهي، جڏهن ته وڏي آبادي کي پنهنجي ٻچن جي روٽيءَ جو رولو آهي. پهرين ماڻهن کي اميد هئي ته سٺا ڏينهن به ايندا ۽ انهن جي قسمت جو ديوتا انهن تي مهربان ٿيندو پر هاڻي ملڪ تي مايوسي جي راڪاس جو راڄ آهي.

ڇا اسان وٽ انصاف 3جي اصولن تي ٻڌل سماج جڙي سگهي ٿو؟

جي ها، پر ان جي اسان کي نئون انسان گهرجي. افلاطون سچ چيو هو ته، “حڪومتن ۾ فرق انهيءَ ڪري هوندو آهي، جو ماڻهن جي سوچ ۾ فرق هوندو آهي. رياست ماڻهن جي نفسيات مان ٺهي ٿي”. اڄ اسان جنهن دور مان گذري رهيا آهيون، تنهن سان ملندڙ جلندڙ دور يورپ به ڏٺو هو. ارڙهين صدي جو يورپ مطلق العنانيت، انتھاپسندي، انارڪي ۽ سماجي پستي جو مجموعو هو، جنهن جو بنيادي عنصر خوف هو. انهن حالتن مفڪرن کي سوچڻ تي مجبور ڪيو هو ته هو نئين سماج کي ڪيئن جوڙين. چئلينج وڏو ضرور آهي پر ناممڪن هرگز نه آهي. اسان روس کي ڏسون، جتي سوويت يونين جي ٽٽڻ کان پوءِ ڪهڙي تباهي ڦري هئي پر پيوٽن ان بحران کي موقعي ۾ بدلايو ۽ روسي سماج کي پنهنجي پيرن تي بيهاريو هو. پاڪستان ٺهڻ وقت چين ۽ انڊيا جي حالت اسان کان بهتر نه هئي پر اهي هاڻي اسان کان ڪافي اڳتي نڪري ويا آهن ۽ اسان وري پوئتي موٽڻ تي زور ڏنو آهي. اسان کي سطحي خيالن کان اڳتي وڌي بنيادي سببن کي ڳولڻو پوندو ته آخر اسان هتي ڪيئن پهتا آهيون ۽ اسان کان ڪهڙيون بنيادي غلطيون ٿيون آهن، جن کي درست ڪرڻ جي ضرورت آهي.