اسلام آباد:  پي ڊي ايم جي عدليه جي رويي خلاف ٿيل مظاهري ۾ جي يو آءِ جي سيڪيورٽي انتظام سنڀاليندڙ انصار الاسلام جي وردي پائي آيل هڪ شخص کي انصار الاسلام جي رضاڪارن پڪڙي انتظاميا جي حوالي ڪري ڇڏيو ، جي يو آءِ جو چوڻ آهي ته اهو شخص شرپسندي لاءِ آيو هو، جنهن جو انصار الاسلام سان ڪو تعلق ناهي، جنهن کي انتظاميا جي حوالي ڪيو ويو آهي.