انساني زندگيءَ ۾ روين جو عمل دخل

0
123
انساني زندگيءَ ۾ روين جو عمل دخل

  ڪي ڪي واقعا، منظر ۽ حالتون اسانکي جهڙي طرح ڏسڻ ۾ ايندا آهن، اسان اُنهن تي پنهنجي علمي سطح، علمي سوچ ۽ اُن وقت جي ڪيفيت موجب هڪدم راءِ ڏيندا آهيون، پر جيڪڏهن اِها راءِ اُن وقت نه ڏيون، ڪجھ ڪلاڪن ڪجھ ڏينهن ۽ ڪجھ وقت کانپوءِ ڏيون ته شايد هڪدم ڏنل راءِ ۽ دير سان ڏنل راءِ ۾ تمام گهڻو تضاد يا فرق نظر اچي، ڇو ته وقت سان گڏ اُن واقعي جي اصل حقيقت ڇنڊجي ۽ ڇڻي اچڻ کانپوءِ، ضروري نه آهي ته اسان جي پهرين راءِ، جيڪا بنا ڪنهن تحقيق ۽ غير سنجيده حالتن ۾ ڏنل هُئي، ان سان سهمت هجي. اُن کانپوءِ هڪدم ڏنل گهڻن ماڻهن جي راءِ ۾ به وڏيون تبديليون ۽ تضاد نظر ايندا. اِهو روزمره جو مشاهدو ۽ تجربو آهي. جنهن کان انڪار مشڪل هوندو.

                  ذهين ماڻهو زندگيءَ جي انهن تجربن ۽ زندگيءَ جو وڏو عرصو گذرڻ کانپوءِ، پختي راءِ ڏيڻ جي قابل بڻبو آهي پر اهو به ضروري نه آهي ته ان جي هر راءِ وڏي اهميت جي حامل هجي، ڇو ته سندس علمي سطح، معاشرتي حيثيت، نفسياتي ڪيفيت، سياسي،سماجي ۽ مذهبي وابستگي، ڪردار جي بلندي ۽ پستي به سندس راءِ ڏيڻ ۾ وڏي اهميت جي حامل هوندي آهي.

 روين جو عمل دخل انسان جي معاشرتي زندگي جي هر عمل ۾ ڪارفرما هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن ساڳئي سوال جا  جواب ٻن مختلف ماڻهن کي مختلف ڏيڻا پوندا آهن. مثال طور، چين جي مشهور سياستدان، مدبر، فلسفي ۽ چيف جسٽس ڪنفيوشس (479-551 ق م) کان هڪ شاگرد سوال ڪيو ته، جيڪڏهن ڪا سُٺي ڳالھ ٻڌجي ته ڇا اُن تي اُن وقت ئي عمل ڪجي، هُن جواب ڏنو ته نه، پهرين ڪنهن تجربيڪار فرد کي اِها ڳالھ ٻُڌائجي، جيڪڏهن اُن کي سُٺي لڳي ته ڪجي, نه ته نه ڪجي. ڪجھ ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻئي شاگرد ساڳيو سوال کانئس ڪيو ته ڪنفيوشس جواب ڏنو ته ها، سُٺي ڳالھ تي هڪدم عمل ڪرڻ گهرجي. اُتي هڪ ٽيون شاگرد به ويٺو هُو، جنهن اڳئين شاگردن کي ڏنل جواب به ٻڌا هئا، اُن حيران ٿي کانئس پڇيو ته هڪ سوال جا ٻه مختلف جواب ڇو؟ اُن تي ڪنفيوشس جواب ڏنو ته “جنهن پهرئين شاگرد سوال ڪيو اُن کي ان ڪري چيم ته ڪا سُٺي ڳالھ ٻُڌي، ته ڪنهن تجربيڪار شخص کي ٻُڌائي، اُن کان پُڇي ڪري پوءِ عمل ڪري، اهو ان لاءِ ته اهو شاگرد جلد باز آهي، آئون ان کان واقف آهيان ان ڪري چيم ته سوچ ويچار ڪري پوءِ ڪر. ٻئي کي چيم ته هڪدم اُن تي عمل ڪر، اِن ڪري ته مونکي خبر آهي ته هُو ضرورت کان وڌيڪ احتياط مند آهي. اهو هر ڪم انتهائي غور ۽ فڪر کانپوءِ ئي ڪندو آهي. ماڻهوءَ جي سوچ ۽ ذهني معيار موجب مشورا ڏيڻا پوندا آهن.”

جيئن اسان وٽ روشن خيال دانشور ۽ ليکڪ يا ڄاڻو مقرر اُن کي سمجهيو ويندو آهي، جيڪو تقرير يا تحرير جي شروعات ڪنهن انگريز ليکڪ جي ڪنهن قول يا واقعي سان شروع ڪري پوءِ ڀلي مضمون ۾ ڪجھ به نه هجي پر وڏي ڌاڪ ڄمائي ماڻهن کي باور ڪرائيندو آهي ته هُو اُٺ ڪتابن جا پڙهيل آهي سو به انگريزي جا. اُن جي اُبتڙ ڪو شخص مقامي ۽ سادو سودو مثال ڏي ته ان کي ڄٽ، گهٽ پڙهيل ۽ هيٺئين سطح جو سمجهي ۽ کيس هڪ ئي نظر ۾ رد ڪري ڇڏيو ويندو آهي. وري ان ۾ ڪنهن مذهبي واقعي جو ذڪر ڪبو ته اهو ليکڪ يا مقرر هڪدم دقيانوسي خيالن ۽ انتها پسندي واري خاني ۾ هليو ويندو آهي. اِها به اسانجي روين جي ٻهروپي کي ظاهر ڪري ٿي.

ڳالھ اِها آهي ته اسانجي سوچ جو محور ڇا آهي؟ اُن جو لاڙو ڪهڙي طرف آهي؟ جيئن ڪٿي پڙهيو هئم ته هڪ نوجوان ڪنهن يورپين ملڪ ويو ته کيس رهڻ لاءِ اجهو گهربل هو، اُتي جيڪو کيس رهائڻ لاءِ راضي ٿيو، اُن جو ڪٽنب صرف زال مڙس ۽ 5 يا 6 سالن جي ڌيءَ تي مشتمل هو. اُن کيس بنا معاوضي رهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي هر سهولت تي رهڻ لاءِ ڪمرو به ڏنو. صرف اِهو شرط رکيو ته واندڪائيءَ ۾ سندس ننڍي ڌيءَ کي ٿورو گهڻو پڙهائي وٺي. اُن نوجوان اِهو شرط قبول ڪيو ۽ انتهائي سُٺي انداز ۾ انهن وٽ رهيو. ڪجھ ڏينهن يا مهينن کانپوءِ هڪ ڏينهن هو گهر آيو ته ڏٺائين ته گهر جو مالڪ ۽ سندس زال پريشانيءَ جي حالت ۾ ويٺا هُئا. هُن پڇيو ته خير آهي ڇو پريشان لڳي رهيا آهيو؟ ڪجھ دير ماٺ کانپوءِ گهر جي مالڪ چيس ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته توهان پنهنجو بندوبست ڪنهن ٻئي هنڌ ڪريو. اسان وڌيڪ توهان کي رهائي ڪونه ٿا سگهون. هي ڏاڍو پريشان ٿيو ۽ پُڇيائين ته مونکان آخر ڪهڙي خطا ٿي آهي. اُنهن چيو ته اسان اُن سلسلي ۾ ڪجھ چوڻ يا ٻُڌڻ نٿا چاهيون. بس توهان هاڻِ پنهنجو بندوبست ڪنهن ٻي هنڌ ڪريو. نوجوان ڪافي اسرار ڪيو ته منهنجي غلطي ته ٻڌايو، نيٺ نوجوان چيو آئون هليو ٿو وڃان پر منهنجي دل ۾ اِها ڳالھ زخم جي صورت ۾ موجود هوندي ته آخر ٿيو ڇا آهي؟ مونکي منهنجي غلطي ٻڌايو، آئون هليو ٿو وڃان. آخر ٻنهي زال مڙس چيس ته اسان تو کي چيو هو ته اسان جي ڌيءَ کي پڙهائجين. تو اڄ جيڪو اُن کي چيو آهي، ان اسان ٻنهي زال مڙس کي ڏاڍو پريشان ڪيو آهي؟ نوجوان پڇيو ته مون ڇا چيو آهي؟ چيائون ته تون اُن ننڍڙيءَ کي چيو آهي ته ´´ڪوڙ انتهائي خراب شئي آهي“. اِن جملي اسان کي ڏاڍو ڏکايو آهي. نوجوان پڇيو ته اُن ۾ مون ڪهڙي غلط ڳالھ چئي؟. انهن چيو ته ´´اسان جي ڌيءَ کي خبر ئي نه آهي ته ڪوڙ به هوندو آهي“. اِهو توهان جي معاشري ۾ هوندو پر اسان وٽ ان جو وجود ئي نه آهي. ننڍڙي ڌيءَ کي ڄمڻ کان وٺي اڄ تائين اها خبر نه هئي ته ڪوڙ به هوندو آهي. جڏهن کان تو هن کي چيو آهي ته ڪوڙ خراب شئي هوندي آهي ته هُوءَ اسان کان سوال ڪري رهي آهي ته بابا، امان! ڪوڙ ڇا هوندو آهي؟ اسان وٽ اِن ننڍڙيءَ ڌيءَ جي اِن معصومانه سوال جو جواب نه آهي. اسان ڪوڙ جي ڪهڙيءَ وصف پنهنجي ڌيءَ کي ٻُڌائي ۽ اِن جا مثال ڏيئي سمجهايون. توهان هن جي ننڍڙي معصوم ۽ شفاف ذهن ۾ هڪڙي اهڙي سوال کي وڌو آهي، جيڪو سڄي زندگي هن جي ڪردار تي حاوي ٿي ويندو. اِن مثال کي سامهون رکي اسان جيڪڏهن سوچيون ته اسان جي ذهني سطح ڪٿي بيٺي آهي. اسان جي روزمره جي عمل ۾ اسين ڪيترا اندر جا ڪارا هئڻ جي باوجود ديده دليريءَ سان پنهنجي ڪرتوتن جا وڪيل بنجي، ڪيئن نڪ جا ڏاڍا ٿي سرِعام وضاحتون ڪندا وتندا آهيون. اسان وٽ ڪوڙ ۽ ٺڳي جي بنياد تي غريبن مسڪينن جا هڏ چم لاهي، ڏيساور ۾ ملڪيتن جا محل اڏيندا آهيون، پوءِ به ڪوڙا گوشوارا ۽ اثاثا پيش ڪندا آهيون. پر ان جي ابتڙ نيپالي ڪانگريس جو سياستدان شيشل ڪورالا 2014ع ۾ جڏهن صدر ٿيو ۽ کيس پنهنجي اثاثا ظاهر ڪرڻ لاءِ فارم ڏنو ويو ته هُن اُن ۾ لکيو ته “مون وٽ ڪو به گهر نه آهي، ڪا به گاڏي نه آهي، آئون عام بس ۾ سفر ڪندو آهيان، ڪا به جائداد، پلاٽ، زيور، سون ۽ هيرا نه آهن. جيڪا زمين هُئي اُها خيرات ڪري چڪو آهيان. ڪو به بئنڪ اڪائونٽ نه آهي.” حڪومت تان لهڻ کانپوءِ هُو پنهنجي ڀاءُ جي گهر ۾ رهيو. ڦڦڙن ۽ ڪينسر جو علاج سندس پارٽيءَ وارن چندو ڪري ڪيو ۽ هو 2016ع ۾ نيپال جِي هڪڙِي سرڪاري اسپتال ۾ مري ويو ۽ هي دنيا جو غريب ترين وزير اعظم هو.

نيوزيلينڊ جي مسجد ۾ 50 نمازين کي شهيد ڪرڻ واري انگريز کي اتي جي حڪومت ڦاسي ڏيئي عدل جي ساک جو ڀرم رکيو، ۽ اسانجي پياري ۽ ڪشورِ حسين شاد باد پاڪستان ۾، ڪراچي جي بلديه فيڪٽري ۾, اکين ڏٺي مسڪين مزدورن کي زنده ٻارڻ وارن کي اسانجي عدالتن بري ڪري ڇڏيو. اهو سڀ ڪجهه ڇو ٿو ٿئي ؟ اهو فقط انهيءَ ڪري جو اسانجي روين ۽ عمل تي ذاتي حوس، اقتدار پويان بکين بگهڙن واري ڍوڙ ۽ دولت جي ڍونڊ تي هرکجي ڪِري پوڻ واري هٻڇ جي نتيجي ۾ذهنن تي لڳندڙ زنگ اسان کان قوتِ فيصله ڦري وٺي ٿو ۽ اسان جون سوچون، رويا ۽ عمل  سڌي ڏِسَ جو ڏَس ئي نٿا ڏين.

وطن جي محبت جا نغما ته هرڪو ڳائي ٿو، پر سچ پچ ته جنهن کي پنهنجي وطن سان محبت هوندي آهي ان کي ڪنهن سيمينار ۾ ۾ ملندڙ تمغن جي ضرورت نه هوندي آهي. جنهن لاءِ هي صفا ننڊڙو مثال ئي ڪافي آهي ته هڪ جاپاني عورت ريل ۾ سفر ڪري رهي هئي، ڏٺائين ته ريل جي سيٽ هڪ جڳهه تان ڦاٽل هئي، ان عورت پنهنجي پرس مان سُئي ڌاڳو ڪڍيو ۽ ان ڦاٽل حصي کي سِڀي ڇڏيو.انهيءَ ڪري ته هوءَ ريل جي سيٽ کي پنهنجو سمجهي ٿي.

 سو سوچون هر پل ۾ بدلجنڊر فيصلا ڏينديون آهن پر  انهن سوچن جي پالنا لاءِ ذهنن کي پاڪ، صاف ۽ شفاف غذا جي ضرورت هوندي آهي، غذا مان ئي رت ٺهندو آهي، جيڪو گردش ڪري زندگي بخشيندو آهي ۽ ذهنن جي غذا بهتر تربيت، بهترصحبت ۽ بهتر رهنمائي هوندي آهي جنهن سان ذهن سڌي سمت هلڻ جا فيصلو ڪري سگهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان درست سوچيون، جڏهن سوچون پاڪ ٿينديون ته روين ۾ پاڪائي ايندي، روين جي پاڪائيءَ کان پوءِ مرحلو آهي، بهتر عمل جو جن جا مثال بنجندڙ شخصيتون تاريخ جون شاهڪار هستيون بنبيون آهن ۽ انهن تي ئي صدين تائين  ايندڙ پيڙهيون رشڪ ڪنديون آهن.

[email protected]