نيويارڪ(م ڊ) گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪائونسل اسرائيلي قبضي خلاف او آءِ سي جو ٺهراءُ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو. بيت المقدس ۽ گولان جي جبلن تي قبضي خلاف او آءِ سي جو ٺهراءُ پاڪستان پيش ڪيو، ٺهراءُ جي حق ۾ 48 ۽ مخالفت ۾ چار ووٽ ڪاسٽ ڪيا ويا جڏهن ته پنج مُلڪن ووٽنگ واري عمل ۾ حصو نه ورتو. اسرائيل خلاف ٺهراءُ جي مخالفت ڪرڻ وارن مُلڪن ۾ آمريڪا ۽ برطانيا به شامل هئا.