خيرپور (رپورٽر) شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي شهيد بينظير ڀٽو چيئر ۾ سنڌ حڪومت جي انساني حقن واري کاتي ۽ يونيورسٽيءَ جي گڏيل سهڪار سان انساني حقن جي عالمي پڌرنامي جي 75هين سالگرهه جي موقعي تي آگاهي سيمينار منعقد ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائس چانسلر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽي چيو ته وقت جي ضرورت آهي ته سماج ۾ انساني حقن کي هٿي ڏياري وڃي. سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي سيڪريٽري جاويد صبغت الله مهر چيو ته سماج جي اجتماعي ذميواري آهي ته اهو بنيادي آزادين، شهري ۽ انساني حقن جو تحفظ ڪري. ڊاڪٽر نويد احمد شيخ ۽ شاهده امير چانڊيو جو چوڻ هو ته ٻن عالمي جنگين دوران وڏي پئماني تي انساني حقن جون ڀڃڪڙيون ڪيون ويون. ان کان اڳ شاگردن ۾ تقريري مقابلو پڻ ڪرايو ويو. مهمانن فاتح شاگردن ۾ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا. سيمينار استادن ۽ شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.